سنڌ

افغاني سالن کان هتي آهن،ڏڦيڙ پکيڙيندڙن کي هاڻ ياد پيا اچن:وڏو وزير

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته مڪاني چونڊون ملتوي ٿيڻ واري خبر حيرت جوڳي هئي، جڏهن ته اعلان کان ڪجهه دير پهرين چونڊون ملتوي ٿيڻ جي خبر پئي. ڪراچي ۾عبداالله شاهه غازي جي مزار ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته نوٽن جون گاڏيون پنجاب موڪلڻ واريون ڳالهيون ڪوڙيون آهن، سنڌ هائوس کي بدنام ڪيو پيو وڃي. هن شيخ رشيد جي جليل شرقپوري بابت فون ڪال ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته هڪ شخص جي ٽيليفون ڪالز سڀني جي سامهون آهي. مراد علي شاهه چيو ته جڏهن عمران خان ويو ته ملڪ جي ڏيوالي ٿيڻ جو خطرو هو، پنهنجي غلطيون ٻين تي مڙهڻ، ٻين کي چور ڦورو چوڻ کي ماڻهن آمدني جي ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ ايم ڪيو ايم جي پٽيشن تي جواب جمع ڪرايو هو، اليڪشن ڪميشن کي چيو هو ته سنڌ حڪومت ۾ اليڪشن ملتوي ڪرائڻ نٿي چاهي. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته افغان پناهگير ڪيئي ورهين کان هتي رهن پيا، ڏڦيڙ پکيڙيندڙن کي اڄ افغاني ياد اچي رهيا آهن، صوبي جو امن امان خراب ڪرڻ وارن کي به حساب ڏيڻو پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button