سنڌ

مڪاني چونڊون پ پ ۽ متحده جي چوڻ تي ملتوي ڪيون ويون:جلال شاهه

ڪراچي مان جاري ڪيل بيان ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي چيئرمين ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر سيد جلال محمود شاهه اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن موسميات جي صورتحال جو بھانو بڻائي پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم کي فائدو پھچائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. اليڪشن ڪميشن پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جي فرمائش تي بلدياتي چونڊون ملتوي ڪيون آھن. اليڪشن ڪميشن جي اهڙي غير جمهوري فيصلي ۽ پهرين مرحلي جي مڪاني چونڊن ۾ ڌانڌلي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ٻئي مرحلي جي مڪاني چونڊ ملتوي ٿيڻ، پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم ۽ مسلم ليگ ن وچ ۾ ٿيل معاهدي جو تسلسل آهي. ان معاهدي تحت ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ايم ڪيو ايم جي ايڊمنسٽريٽرز جي مقرري ڪرڻ ۽ ايم ڪيو ايم جي من پسند بنيادن تحت حدبنديون ڪرائڻ جو پڻ واعدو ڪيو ويو ھو. سيد جلال محمود شاهہ چيو ته پيپلز پارٽي معاهدي کان انڪار ڪيو، جنهن سبب ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي ۾ سخت اختلاف پيدا ٿيا ۽ ايم ڪيو ايم پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ن کي وفاق کان ڌار ٿيڻ جي ڌمڪي ڏني هئي، جنهن کانپوءِ مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ جي سازش تيار ڪئي وئي. بلدياتي ادارن جي چونڊن جي پهرئين ۽ ٻئي مرحلي ۾ اليڪشن ڪميشن ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي. اليڪشن ڪميشن موجودہ حڪومت جي ڪٺ پتلي بڻجي ڪم ڪري رهي آهي. اليڪشن ڪميشن پاران اوچتو پڌرنامو جاري ڪرڻ غير جمهوري عمل آهي. اليڪشن ڪميشن پھريان ئي تڪراري هئي ۽ هاڻي وڌيڪ تڪراري بڻجي وئي آهي. اليڪشن ڪميشن سنڌ حڪومت جا حمايت يافتا آر اوز ۽ ڊي آر اوز مقرر ڪيا. بلدياتي اليڪشن جي پهرين مرحلي ۾ اليڪشن ڪميشن جي جانبداري سبب بدترين ڌانڌلي ڪري عوام جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو. پولنگ اسٽيشن تي پنهنجي پسند جا پرزائيڊنگ آفيسر لڳايا ويا. هن وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن جي اھڙي عمل خلاف عدالت سان رجوع ڪنداسين ته نئون شيڊول جاري ڪري فوج ۽ عدليه جي نگراني ۾ ٻيهر چونڊون ڪرايون وڃن. هن مطالبو ڪيو ته صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ کي فوري طور تي عهدي تان هٽايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button