سنڌ

سنڌ حڪوت لاپتا ماڻهو بازياب ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي:صوبائي وزير

وزير اعليٰ سنڌ جي خاص هدايت تي معدنيات ۽ معدني ترقي واري صوبائي وزير مير شبير علي بجاراڻي بلوچ مسنگ پرسنز جي خاندانن سان ملاقات ڪئي. بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي آرگنائيزر آمنه بلوچ جي اڳواڻي ۾ حميد زهري جي گهرواري فاطمه زهري، ڌيءَ سعيده حميد، عمران بلوچ جي والده حفيظا خاتون ۽ ٻين صوبائي وزير کي عمران بلوچ، شوڪت، دوست محمد، حميد زهري جي گمشدگي بابت تفصيلن کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير مسنگ پرسنز جي خاندانن کي سندن پيارن جي جلد بازيابي خاطري ڪرائي. صوبائي وزير مسنگ پرسنز جي خاندانن جي احتجاج تي تشدد ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي جو پڻ يقين ڏياريو. صوبائي وزير چيو ته پرامن احتجاج هر شهري جو حق آهي، زيادتي ڪندڙ اهلڪار کي هٽايو ويندو ۽ کين معطل ڪيو ويندو. هن چيو ته سنڌ جي وزير اعليٰ کيس خاص هدايتون ڏنيون آهن ته اوهان سان ملاقات ڪري مسنگ پرسنز جا تفصيل معلوم ڪريان. مير شبير بجاراڻي چيو ته هو آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي ڏکڻ شرجيل کرل سان ان معاملي تي ڳالہھ ڪندو. هن چيو ته مان پاڻ بلوچ آهيان، بلوچ اسان جا ڀائر آهن. مان اوهان جو درد سمجهي سگهان ٿو. سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي ته مسنگ پرسنز جي خاندانن کي رليف فراهم ڪري. هن چيو ته معصوم ماڻهن جو گم ٿيڻ زيادتي آهي، جن جو ڪرمنل رڪارڊ آهي اهي ڀلي ڀوڳين. سنڌ حڪومت مسنگ پرسنز جي بازيابي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندي. بلوچ مسنگ پرسنز يڪجهتي ڪميٽي جي آرگنائيزر آمنه بلوچ چيو ته سنڌ حڪومت کان اميد آهي، ڇاڪاڻ ته اسان جي فرياد ٻڌندي آهي، باقي ڪو به ٻڌڻ وارو ناهي. هن چيو ته کين احتجاج ڪرڻ ۽ روڊن تي اچڻ جو ڪو به شوق ناهي، مجبور ٿي روڊن تي اچڻو پوندو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button