سنڌ

عمران خان رڳو ايل اين جي مان 650 ارب چوري ڪيا:شازيا مري

غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري شازيه عطا مري پنهنجي ھڪ جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري جي رولنگ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روح جي مطابق آهي ۽ پارٽي جو قائد ئي پارلياماني پارٽي جي منظوري ڏيندو آهي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ کي فل يا لارجر بينچ تشڪيل ڏيڻ جي درخواست ڪرڻ اسان جو قانوني حق آهي. وفاقي وزير چيو ته قاسم سوري جي غير آئيني ۽ غير قانوني رولنگ تي به 5 ججن فيصلو ڏنو ھو، عمران خان جي سياست گاريون ۽ ڌمڪيون ڏيڻ ۽ دٻاءُ وجھڻ تي مشتمل آهي، جڏهن ته ھن جي چار معاشي ماهرن ملڪي معيشت جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو ھو. عمران خان پاڪستان کي عالمي سطح تي اڪيلائپ جو شڪار ڪري ڇڏيو ھو، جڏهن ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڏينهن رات محنت ڪري ملڪ کي عالمي اڪيلائپ مان ٻاھر ڪڍيو. شازيه مري پي ٽي آءِ سربراهه تي تنقيد ڪندي چيو ته عمران خان جي حڪومت ۾ ملڪ عملي طور تي ڊفالٽ ٿي چڪو ھو ۽ سندس نااهلي جي ڪري ملڪ کي سريلنڪا جهڙو خطرو لاحق ٿي سگهيو ٿي. هن چيو ته پي ٽي آءِ نه صرف پوري قوم کي اوندهه ۾ رکي ڪري عالمي ادارن سان ڳجھا معاھدا ڪيا پر مالياتي ادارن کي به دوکو ڏنو. ھن جو چوڻ ھوته وقت ٻڌائيندو ته عمران خان جو اصل ايجنڊا رڳو ملڪ جي تباهي ڪرڻ ئي ھو. وفاقي وزير شازيه مري چيو ته 1100 ارب جي اين آر او جي ڳالهه هڪ نئين طوطي جي ڪهاڻي آهي ۽ عمران خان رڳو ايل اين جي جي خريداري تي قومي خزاني مان 650 ارب رپيا چوري ڪيا، جڏهن ته عمران خان جي مالي سهولتڪارن به ھٿرادو ڀاڻ جو بحران پيدا ڪري لٽ مار ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button