سنڌ

حب ڊيم اوور فلو ٿي ويو،حب ندي ۾ مٿانهين ٻوڏ

ڪراچي ۽ بلوچستان وارن علائقن کي پاڻي سپلاءِ ڪندڙ بلوچستان جي حب ڊيم ۾ پاڻي جي سطح مڪمل ڀرجي وڃڻ جي نشان 339 فوٽ کان ساڍا 3 فوٽ مٿي ٿي وئي آهي، جڏهن ته ڊيم جي اسپيل ويز مان پاڻي جو نهايت غير معمولي وهڪرو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ان صورتحال سان حب ندي ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي ۽ انتظاميا علائقي ۾ ايمرجنسي واري صورتحال لاڳو ڪري ڇڏي آهي، واپڊا جي ذريعن مطابق حب ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 342 کان 343 فوٽ جي وچ ۾ هئي. ذريعن مطابق اهو ئي سبب آهي جو اسپيل ويز مان پاڻي تيزي سان خارج ٿي رهيو آهي ۽ ندي ۾ ٻوڏ واري صورتحال آهي، حب ندي جي ڀرپاسي جي آبادين مان ماڻهن کي ٻئي هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي. علائقي واسين مطابق حب ندي ۾ پاڻي جو وهڪرو تيز آهي، حب ڊيم مان اوور فلو ٿيندڙ پاڻي بند مراد واري هنڌ تي ڪراچي لاءِ ٺهيل نئين رستو جي گنجائش کان وڌيڪ هو ۽ پل تان اوور فلو ٿي ندي ۾ ڪري رهيو هو، رات دير سان هن پاڻي ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو هو ۽ آخري وقت تائين حب ندي ۾ مٿانهين درجي جي ٻوڏ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button