سنڌ

ميرو خان ۾ ڳوٺاڻن جو بااثر وڏيري خلاف احتجاجي مظاهرو

سجاول جوڻيجو جي يوسي ٺوڦ چئوسول جي رهواسي ڳوٺاڻن پاران بااثر وڏيري الهڏنو کوسو پاران بند ڪيل رستو بحال نه ڪرڻ خلاف ٽئين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن ٽئين ڏينهن به ٽريڪٽر ٽرالي تي سوار ٿي پريس ڪلب ميرو خان اڳيان بااثر وڏيري جي ظلم خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن راجا غلام حيدر عمراڻي، جواد احمد عمراڻي، امداد عباسي، منظور ٽوٽائي، روشن شيخ ۽ ٻين دانهيندي ٻڌايو ته بااثر وڏيري الهڏنو کوسو هڪ صدي پراڻو 50 ڳوٺن جو رستو ڏاڍ مڙسي تحت بند ڪري ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي. هنن چيو ته ڪچي رستي تي سرڪاري روڊ منظور ٿيڻ کانپوءِ وڏيرو هٿياربند ماڻهو ساڻ ڪري مشين وسيلي پٽرائي ڪچو رستو به بند ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري 50 کان وڌيڪ ڳوٺن جا هزارين رهواسي رستو بند هجڻ سبب سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهيون. هنن چيو ته وڏيري جي ناجائزين خلاف ڊي سي ۽ ايس ايس پي آڏو بار بار دانهڻ ۽ سرڪاري آفيسن جا چڪر ڪاٽڻ باوجود ڪو کڙ تيل ناهي نڪتو، جنهن ڪري مجبورن احتجاج جو رستو اختيار ڪيو آهي پر مسلسل ٽن ڏينهن کان احتجاج باوجود ڪنهن به نوٽيس ناهي ورتو. هنن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بااثر وڏيري جي ناجائزين جو نوٽيس وٺي ڪارروائي ڪري 50 کان وڌيڪ ڳوٺن جو بند ڪيل رستو بحال ڪرائي انصاف ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button