سنڌ

ڏوڪري جي اهم ڪاروباري مرڪز ۾ گندو پاڻي بيهجي ويو

ڏوڪري شهر جي اهم ڪاروباري مرڪز ڀٽائي بازار ۾ نئين پيور بلاڪ روڊ تي برساتي پاڻي تلائن جي صورت ۾ بيهجي ويو. نتيجي ۾ ڪاروباري سرگرميون سخت متاثر ٿي ويون. ان ڏس ۾ مقامي دڪاندارن توڙي شهرين جو چوڻ هو ته ڀٽائي بازار ۾ برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب دڪاندار ۽ خريدار سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا آهن. دڪاندارن دانهيندي چيو ته پبلڪ هيلٿ آفيسرن کي غلط روڊ ٺاهڻ جون دانهون ڪرڻ باوجود ڪو تدار ناهي ٿيو. في الحال ته برسات بند آهي، ٻيهر وسڪارو ٿيو ته صورتحال وڌيڪ خراب ٿيندي، هنن انتظاميه کان گهر ڪئي ته جلد برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button