سنڌ

عدالتن غلطي کي نه روڪيو،ڏوهه حڪومتن کي ڏيون ٿا:مراد شاهه

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي وڏو شهر آهي ۽ ان ۾ ڪيترائي مسئلا آهن، خاص طور تي زمينن تي قبضو، گندي نالن جي وهڪرن ۽ برساتي پاڻي جو نيڪال، روڊن جي بنارٿابندي جي ڪمرشلائيز ڪرڻ ۽ مناسب انفراسٽرڪچر جي ترقي وغيره پر تنهن هوندي به گذريل 10 سالن ۾ اسان وڏي پئماني تي تعميراتي ڪم شروع ڪيا آهن. هن چيو ته آئون سمجهان ٿو ته روڊن، فلائي اوور، انڊر پاسز، برساتي پاڻي جي نيڪال جي صورت ۾ اسان جي ڪمن جا ڪي نتيجا نڪتا آهن پر اڃابه شهر لاءِ گهڻو ڪجهه گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع ڏينهن FPCCI هائوس ڪلفٽن ۾ ڪراچي جي عوام لاءِ ڪاروباري ترقي، واپار ۽ خوشحالي لاءِ شهر ۽ علائقائي رٿابندي جي اهميت واري موضوع هيٺ سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي مڪاني کاتي وارو وزير سيد ناصر حسين شاهه، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مرتضٰي وهاب، واپار ۽ صنعت وارو وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو ساڻس گڏ هئا، جڏهن ته تقريب جو سينيئر وائيس پريزيڊنٽ سليمان چاولا، ڪنوينر عبيد سليمان، اين اي ڊي جو ڊي ڊاڪٽر نعمان، قيصر بنگالي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شرڪت ڪندڙن کي مخاطب ٿيندي چيو ته آئون ڪراچي ۾ پيدا ٿيو آهيان، شهر جي ڪنڊڪڙڇ کان واقف آهيان، مستقبل کي ته ڇڏيو، هتي حال جي به رٿابندي ناهي، هتي بنا رٿابندي جي ڪم ٿيا، تنهنڪري شهر جي ڍانچي تي درست نموني ڪم ڪرڻ لاءِ واپس اچڻ ڏکيو هوندو. هن چيو ته اهڙين حالتن کي خراب ڪرڻ ۾ اسان سڀني جو هٿ آهي ۽ اهو ڪم حڪومتن جو پڻ آهي ته خرابي ٿيڻ نه ڏجي، گذريل 6 سالن کان چيف ايگزيڪيوٽو وزيراعليٰ رهيو آهيان، سڀني جي ڄاڻ اٿم. هن چيو ته مرتضيٰ وهاب کي به هاڻي سمجهه اچي وئي هوندي ته انهن معاملن کي ڪنٽرول ڪرڻ ڪيترو ڏکيو ڪم آهي، هن چيو ته ڪمرشلائيزيشن هن شهر کي خراب ڪيو، قائداعظم جي رهائش ۽ تربت شهر کان ٻاهر بڻائي وئي پر اڄ وچ شهر ۾ اچي وئي آهي، لڏپلاڻ تي يقين رکان ٿو، جمهوري سوچ جو مالڪ آهيان پر مالڪ هجڻ جو مقصد گهر تي 200 ماڙ ٺاهڻ نه آهي. هن چيو ته 2003 ۾ منتقلي بعد 22 روڊ ڪمرشل ڪيا ويا، جنهن سان آبادي وارن علائقن تي دٻاءُ ٿيو ۽ لڏپلاڻ به بنا چڪاس ٿي، ان معاملن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ماڻهو عدالتن ۾ هليا ويا، اتي ڪجهه ماڻهو مخالفت ۾ به ويا پر عدالتي حڪم کانپوءِ روڪڻ ڏکيو مرحلو آهي، عدالتن غلطي کي نه روڪيو ۽ پوءِ وري حڪومتن کي ڏوهه ڏيون ٿا پر ان ۾ هو به شامل آهن. وڏي وزير چيو ته 2008 ۾ اسان جي حڪومت آئي ته ماڻهن سوال ڪيو اوهان ڇا ڪيو آهي؟ ۽ اسان به جڏهن ڪم ڪيو ته عدالت روڪي ڇڏيو، منهنجي غلطي تي مون کي سزا ملڻ گهرجي پوري حڪومت کي پيرالائيز ڪيو ٿو وڃي. هن چيو ته رٿابندي تي به عدالتي مسئلا اچن ٿا ته جيئن درخواست گذار چوي ٿو ائين ڪريو، جيڪو ڪجهه ٿيو ان ۾ اسان جي غلطي نه هئي، نه آهي. وڏي وزير چيو ته شهر ۾ پاڻي کوٽ جي شڪايت آهي، آئون چوان ٿو ته آبادي ۾ اضافو ٿيندو ته پاڻي ته کٽندو يا نه؟ هن وقت برساتن جي ڳالھه ڪئي ٿي وڃي، الزام لڳايا وڃن ٿا، جڏهن ته اسان کي ننڍپڻ جو وقت ياد آهي، ان وقت به اسان اسڪول کان گهر نه وڃي سگهندا هئاسين. هن چيو ته 2020 ۾ سڀ کان وڏي برسات پئي، جواز نٿو ڏيان ته شهر بهتر ٿي ويو آهي پر جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پهرين کان هاڻي بهتر آهي. هن سال 10 جولائي تي 8 ڪلاڪن اندر 232 ملي ميٽر برسات پئي، ان جي ڀيٽ ۾ 2000 واري شهر جي حالت ۾ فرق آهي. تقريب کي ڊاڪٽر قيصر بنگالي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button