قمبر پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾ ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ٿيل سب انجنيئرن پڪو نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو. ان موقعي علي اصغر کوسو، سعد الله تنيو، اسدالله ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسان سڄي سنڌ ۾ 191 ملازم 4 سالن کان ڪانٽريڪٽ تي سب انجنيئر طور ڪم ڪري رهيا آهيون. سال 2018ع ۾ اسان جي ڀرتي لکت واري ٽيسٽ ۽ انٽرويو شفاف طريقي سان وٺي ميرٽ بنياد تي اميدوارن کي مختلف پروجيڪٽس تي مقرر ڪيو ويو، جيڪي هن وقت تائين پنهنجو ڪم جاري رکيو ويٺا آهيون. جڏهن ته هن وقت سب انجنيئر جي عهدي جو 310 ريگولر نوعيت جو جايون خالي آهن. کاتو اسان کي پڪو ڪرڻ بدران نئين سر ڀرتين ڪرڻ جو ارادو رکيو ويٺو آهي. هنن وزير اعلي سنڌ ۽ وزير پبلڪ هيلٿ کان مطالبو ڪيو ته خالي پيل جاين تي پهرين کان تجربيڪار سب انجنيئر کي پڪو ڪري سندس بي چيني ختم ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close