سنڌ

ڪشمور جي پورهيت جو فراڊ ڪندڙن خلاف احتجاجي مظاهرو

ڪشمور جي پورهيت معشوق علي چنا مائٽن سان گڏجي ڪروڙين روپين جي فراڊ ڪندڙن خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. هن دانهيندي چيو ته عبدالواحد شيخ پنهنجي پٽن عبدالرحيم، عبدالعزيز شيخ سان گڏجي مون کي مختلف ماڻهن اڳيان هڪ ڪروڙ 30 لک جو ضامن وڌو، جنهن جا دستاويز ۽ بينڪ جو چيڪ به مون وٽ موجود آهن، هن چيو ته منهنجي ضمانت واري ماڻهن کي رقم نه ڏني وئي هاڻي جنهن ماڻهن اڳيان ضامن هيس اهي ماڻهو منهنجي در تي بيٺا آهن ۽ جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي. هن ڊي آ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي ڪشمور کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي فراڊ ڪندڙ عبدالواحد شيخ ۽ سندس پٽن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ پاڻ مٿان پيٽرول هاري زندگي جو انت آڻيندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button