
باقراڻي جي سرڪاري اسپتال جي انچارج ڊاڪٽر خلاف عورت احتجاج ڪيو. سرڪاري اسپتال ۾ دوا وٺڻ لاءِ آيل مريض شهربانو چنا انچارج ڊاڪٽر سميع صديقي خلاف احتجاج ڪندي الزام هنيو ته ننڍڙي پٽ کي لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽر جي لکيل ڊرپ کڻي باقراڻي اسپتال ۾ هڻائڻ لاءِ آيس ته ڊاڪٽر سميع صديقي ڊرپ هڻڻ بدران دڙڪا ڏئي واپس موٽائي ڇڏيو. متاثر عورت جو چوڻ هو ته اسين غريب آهيون پرائيوٽ ڊاڪٽرن جي فيس ۽ دوائون نٿا وٺي سگهون. سرڪاري اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جا دڙڪا ۽ ڌڪا ملن ٿا. هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي انچارج ڊاڪٽر سميع صديقي خلاف ڪارروائي ڪري کيس فوري طور تي هٽايو وڃي.