بخشاپور ۾ آڪڙا پرچي، جوا ۽ سماجي براين خلاف ڳوٺاڻن سخاوت ڊومڪي، منظور علي ۽ عبادت ڊومڪي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته بخشاپور ۾ شھر ۾ بنا ڪنهن خوف جي آڪڙا پرچي، جوا ۽ بڪي جو ڪم سر عام ھلي رھيو آهي ۽ پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي، اسان جي ڳوٺ جا نوجوان آڪڙا پرچي، جوا ۽ بڪي مافيا ھٿان تباهه ٿي ويا ۽ شھر جي ڪيترن ئي واپارين جا قرضي بڻجي ويا آهن. ھنن چيو ته نوجوان نسل تباهه ٿي رھي آهي جيڪي نوجوان جوا ڪن پيا انهن جي گھرن جي چلهه به وسامي وئي آهي ۽ انهن جا معصوم ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن. جوا ۾ پئسا هارائڻ سبب ھو پنهنجا قرض به نٿا لاھي سگھن. هنن ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ڪيو ته شھر مان سماجي براين جو خاتمو ڪري نوجوان نسل کي وڌيڪ تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close