لاڙڪاڻي جي نظر پاڙي جي رهواسڻ شادي شده عورت پاڪ ڪتاب کڻي گهرڀاتين سان گڏجي مڙس ۽ ڏير جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اربيلان تنيو پيرسن ما لعل خاتون، ڀيڻ رابعه تنيو ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏجي دانهيندي چيو ته 16 سال اڳ شادي مائٽ رفيق تنيو سان ٿي، جنهن مان ٻن ٻارن جو اولاد آهي، شادي بعد مڙس منهنجي والدين جي گهر رهندا هئاسين. هن الزام لڳايو ته 7 ڏينهن اڳ گهر جو خرچ گهرڻ تي مڙس رفيق تنيو تشدد ڪري پنهنجي والدين جي گهر هليو ويو، اهڙي دانهن مان ڏير حميد تنيو کي ڏني، جنهن تان ڏمرجي ڏير ۽ نڻان پنهنجي مائٽن سان گڏجي اسان جي گهر تي ڪاهه ڪري مونکي تشدد جو نشانو بڻايو. اهڙي واقعي جي اين سي رحمت پور ٿاڻي تي مڙس رفيق تنيو، ڏير حميد تنيو ۽ نڻاڻ بيبي خاتون خلاف داخل ڪرائي آهي پر پوليس ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي، ويتر مڙس ۽ ڏير موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هن ڊي آءِ جي، ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي مڙس، ڏير ۽ نڻان خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close