سنڌ

وڏي وزير جو بلوچستان جي وڏي وزير سان رابطو:امداد جي آڇ

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو سان فون تي رابطو ڪري تيز برساتن سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ کيس پنهنجي حڪومت پاران هر ممڪن سهڪار جي آڇ ڪئي. پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد کي ٽيليفون ڪري بلوچستان جي برسات متاثرن جي مڪمل مدد ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. بلاول ڀٽو سنڌ جي وڏي وزير کي چيو ته تيز برسات چاغي، قلعه سيف الله ۽ نوشڪي ضلعن سميت مختلف علائقن ۾ رهندڙ بلوچ ڀائرن کي بي گهر ڪري ڇڏيو آهي ۽ هن وقت کين اسان جي سهڪار جي ضرورت آهي. سنڌ جي وڏي وزير بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو سان ٽيليفون تي رابطو ڪري بلوچستان ۾ ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي ساڻس يڪجهتي جو اظهار ڪيو. مراد علي شاهه بلوچستان جي برسات متاثرن کي هر قسم جي مدد جي آڇ ڪئي. هن چيو ته اسان اربع ڏينهن لسبيلا ڏانهن 500 خيما موڪليا هئا ۽ اڄ 100 وڌيڪ خيما اوٿل ڏانهن موڪلي رهيا آهيون، جيڪڏهن بلوچستان جي عوام کي ڪنهن ٻي شيءِ جي ضرورت آهي ته سنڌ جو امدادي کاتو بلوچستان جي لاڳاپيل ڊويزنل ڪمشنرن سان رابطو ڪندو. بلوچستان جي وڏي وزير، سنڌ جي وڏي وزير ۽ پيپلز پارٽي جي چيئرمين پاران سهڪار ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. هن سنڌ ۾ تيز برساتن سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي پڻ افسوس جو اظهار ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button