سنڌ

ڳڙهي ياسين جي مغوي کي ترت بازياب ڪرايو وڃي:وقتي گورنر

وقتي گورنر سنڌ آغا سراج دراني سان انسپيڪٽر جنرل سنڌ غلام نبي ميمڻ ڪالهه گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات جي دوران صوبي ۾ امن ۽ امان جي مجموعي صورتحال، شهر قائد ۾ اسٽريٽ ڪرائمز ڪنٽرول ڪرڻ جي حڪمت عملي ۽ پوليس فورس جي پِيشيورانه قابليت ۾ اضافو جي قدمن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي وقتي گورنر سنڌ آئي جي سنڌ کي گڙهي ياسين مان اغوا ٿيل عبدالرحمان مغل کي جلد بازياب ڪرائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته هو هڪ غريب شخص آهي، جنهن جي ڪنهن سان دشمني ناهي، ان جي بازيابي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا وڃن، گورنر سنڌ آغا سراج خان دراني ملڪ جي معاشي حب ۾ امن ۽ امان جي قيام ۾ سنڌ پوليس جي ڪوششن جي تعريف ڪندي چيو ته پاڪ آرمي ۽ رينجرز سان گڏ پوليس پڻ ان ڏس ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، حڪومت پوليس فورس جي پيشيورانه قابليت ۾ اضافي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي، وقتي مقرر گورنر سنڌ آغا سراج دراني هدايت ڏني ته صوبي ۾ ڪميونٽي پوليسنگ ۽ پوليس تي عوام جي اعتماد ۾ اضافي لاءِ قدم کنيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button