سنڌ

فارن فنڊنگ ڪيس جو فيصلو جلد ٻڌايو:سنڌ اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور

سنڌ اسيمبلي جمعي تي پنهنجي اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۾ گذريل اٺن سالن کان التوا هيٺ فارن فنڊنگ ڪيس بابت هڪ ٺهراءُ اڪثريت راءِ سان پاس ڪري ورتو. ٺهراءُ پيپلزپارٽي جي ميمبر عورت سعديه جاويد پاران پيش ڪيو ويو هو، جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن کان گهر ڪئي وئي آهي ته هو هن ڪيس جو فيصلو بنا دير ٻڌائي، ٺهراءُ جي حق ۽ ان جي مخالفت ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن جي ڪيترن ئي ميمبرن خيالن جو اظهار ڪيو. سعديه جاويد فارن فنڊنگ ڪيس تي قرارداد پيش ڪندي گهر ڪئي ته اليڪشن ڪميشن فارن فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ڪري، ان ۾ پرڏيهي فنڊنگ ٿي آهي. سعيد غني ٺهراءُ تي ڳالهائيندي چيو ته گذريل 8 سالن کان فارن فنڊنگ ڪيس هلي رهيو آهي، انهن هن ڪيس کي موخر ڪرايو، عمران نيازي پاڻ کي چوي ٿو ته فرشتو آهيان، هي پارٽي جڏهن کان ٺهي آهي، ڪرپشن ڪري رهي آهي. پارٽي اليڪشن ۾ ووٽ خريد ڪيا وڃن ٿا، جسٽس وجيهه الدين جو ٽربيونل بڻايو ويو، ان ۾ چيو ويو ته ووٽ لاءِ پئسو استعمال ڪريو، پارٽي جيڪي ٽڪيٽون ورهايون، انهن پئسن تي ورهايون، خيرات ۽ صدقي جا پئسا اليڪشن ۾ استعمال ڪيا. عارف نقوي چندو گڏ ڪيو اهو پئسو هتي اليڪشن ۾ استعمال ٿيو، فارن فنڊنگ ۾ اسرائيلي ۽ ڀارتين پئسو ڏنو آهي، اربين رپين جو پئسو آيو آهي، چندي جو پئسو ريئل اسٽيٽ ۾ استعمال ٿيو، هن ڪيترائي اڪائونٽ اليڪسن ڪميشن کان لڪايا، اسد قيصر، عارف علوي، عمران اسماعيل اهي اڪائونٽ هلائيندا هئا. لاڏلي جو هن ڪيس ۾ بچڻ مشڪل آهي، عليمه ڀيڻ جي پراپرٽي ٻاهر ظاهر ٿي. هن ظاهر ٿيڻ کان پو پراپرٽي کپائي ڇڏي. هن چيو ته مان سلائي مشينون هلائيندي آهيان، عمران خان پاڻ چيو ته منهنجي ماءُ جي علاج لاءِ پئسا نه هئا. نوازشريف کان پلاٽ ورتو، ان ماڻهو توشه خاني جون گهڙيون وڪرو ڪري ڇڏيون. آصف زرداري، نوازشريف ۽ يوسف رضا گيلاني تي توشه خانه جو ڪيس، هن تي ڪوئي ڪيس نه ٿيو آهي، هي ايڏو لاڏلو آهي جو هن کان ڪوئي پڇڻ وارو نه آهي، اسان لاءِ به ڪو رستو نه آهي، جو ان کي فيور ڏيندا رهون، جيڪڏهن ڪو جج غلطي ڪري ته اهو ان کي درست ڪري وٺي، هي سڀ لاڏلي لاءِ آهي، هن ملڪ جي معيشت سگهاري نه پئي ٿئي، اميد ڪريان ٿو ته اليڪشن ڪميشن فارن فنڊنگ ڪيس تي ترت فيصلو ڏيندو. ان جي گهر جو ڪرايو آمريڪي قونصل ڀري ٿو. صوبائي وزير سردار شاهه ٺهراءُ تي ڳالهائيندي چيو ته هڪ هٽلر هو، ٻيو عمران خان آهي، جنهن کي چريائپ واري بيماري آهي، هٽلر سڄي دنيا ۾ تباهي ڪئي، هتي هي شخص ساڳيو ڪم ڪري رهيو آهي، پڙهيل لکيل ماڻهو کيس ملڪ لاءِ سيڪيورٽي رسڪ قرار ڏين ٿا. سي پيڪ هن شخص تباهه ڪري ڇڏيو. هن شخص جي ڪري هر ماڻهو سوا ٻه لکن جو قرضي ٿي چڪو آهي، اڄ ڊالر 250 تي پهچي چڪو آهي، عمران خان ڪنهن جو ايجنٽ آهي. فارن فنڊنگ ڪيس ۾ جيڪي ثبوت ۽ شاهديون آيون آهن، 88 ماڻهن فنڊنگ ڪئي آهي، ان ۾ اسرائيل ۽ ڀارت جا ماڻهو آهن. هي پاڪستان لاءِ سيڪيورٽي رسڪ آهي، هي پاڪستان کي ڪمزور ڪري رهيو آهي. صوبائي وزير شهلا رضا چيو ته اسان ته رڳو اهو چئي رهيا آهيون ته هي فيصلو ٻڌايو، اوهان چئن چئن مهينن کان پوءِ اچو ٿا، ان جو فيصلو محفوظ ٿي چڪو آهي هاڻي اچڻ گهرجي. چئن ملازمن جي نالي تي اڪائونٽ کوليا ويا انهن جي نالي تي هي سڀ پئسا ايندا هئا، ڏسون ٿا ته جيڪڏهن اهو ثابت ٿي ويو ته پارٽِي نشان واپس ٿي ويندو، مختلف ڪيس اڃا به موجود آهن پر هڪ ئي ڏينهن ۾عدالت 15 ڪيسن ۾ ضمانت ڏئي ڇڏي ٿي، هي اڃا تائين لاڏلو آهي، ڪيس ضمير مطابق ٻڌا ويندا، يا آئين مطابق ٻڌا ويندا. مڪيش ڪمار چاولا چيو ته اسان هڪ مصيبت کان پاڪستان کي بچائڻ ۾ لڳل آهيون. ٺهراءُ کي منظور ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ سنڌ اسيمبلي اجلاس ۾ اسٽيمپ سنڌ ترميمي بل پيش ڪيو ويو ،هن پل کي اسٽيڊنگ ڪميٽي ڏانهن اماڻيو ويو. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس سومر منجهند 2 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button