سنڌ

عمران خان جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو وڃي:شرجيل ميمڻ

سڌ سماءُ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ وفاقي حڪومت کي درخواست ڪئي آهي ته فارن فنڊنگ ڪيس کي نظر ۾ رکندي عمران خان جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو وڃي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير چيو ته وفاقي حڪومت چاهي ته اڄ به عمران خان کي گرفتار ڪري سگهي ٿي، عارف نقوي جي گرفتاري بعد عمران تائين معاملو وڃي سگهي ٿو. هن چيو ته عمران خان انڪري پهرين ئي شور مچائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم شهباز شريف کي درخواست آهي ته هو جي آءِ ٽي جوڙي ۽ جلد جاچ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي. شرجيل ميمڻ چيو ته جيڪڏهن فوري گرفتاري نٿا ڪيو ته عمران خان جو نالو اي سي ايل ۾ وڌو وڃي، پي ٽي آءِ مڃي ته هو مني لانڊرنگ ۾ ملوث آهي، اليڪشن ڪميشن کان درخواست ڪريون ٿا ته فارن فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ٻڌايو وڃي، اهڙي قسم جو لائيف اسٽائيل گهٽ آمدني ۾ ڪيئن هلي سگهي ٿو؟ صوبائي وزير سوال اٿاريندي چيو ته ڇا اسان جي ملڪ ۾ اسرائيل ۽ ڀارت جي پئسن سان سياست ٿيندي؟ اسان چاهيون ٿا ته انصاف سڀني لاءِ برابر هجي، جڏهن اسان جي خلاف جي آءِ ٽي جوڙي سگهجي ٿي ته هنن جي خلاف ڇو نه؟ ٽوئيٽر تي ادارن جي سربراهن خلاف ٽرينڊ هلرايا ويا، اٽي ۽ کنڊ واري اسيڪنڊل ۾ عمران خان پاڻ کي اين آر او ڏنو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button