سنڌ

ڪراچي ۾ غازي ڳوٺ ڊاهڻ لا ٻيهر ڪاهه،فائرنگ،6 عورتن سميت 9 زخمي

ڪراچي جي عبدالله شاهه غازي ڳوٺ جي اي بلاڪ کي بلڊر مافيا جي چرچ تي خالي ڪرائڻ لا ٽيون ڀيرو ڪاهه ڪري ڳوٺاڻن تي فائرنگ ۽ شيلنگ ڪئي وئي، 6 عورتن سميت 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا. سڄو علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو. رپورٽ موجب ڪراچي جي سنڌي وسندي عبدالله شاهه غازي ڳوٺ اي بلاڪ جي رهواسين جي گهرن کي مسمار ڪري رهواسين کي بيدخل ڪرڻ لا ڪالهه ٽيون ڀيرو سچل ٿاڻي جي ايس ايڇ او اورنگ زيب خٽڪ پوليس جي پرائيوٽ هٿياربندن کي ساڻ ڪري ڪاهه ڪئي ته عورتون ۽ مرد پاڪ ڪتاب کڻي پنهنجا اجها بچائڻ لا نڪري آيا، ڳوٺاڻن پوليس آڏو احتجاج شروع ڪيو ته پوليس مٿن سڌيون گوليون ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس سان شيلنگ شروع ڪري ڏني، ڳوٺاڻن سخت مزاحمت ڪندي پوليس ڪاروائي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. ڳوٺاڻن جي مزاحمت کي ڏسي پوليس واپس ورڻ تي مجبور ٿي وئي، جڏهن ته عبدالله شاهه غازي ڳوٺ مٿان ڪيل پوليس جي دهشتگردي واري واقعي جو ٻڌي قوم پرست، سياسي سماجي تنظيمن جا اڳواڻ ڌرتي ڌڻين جي واهر ڪرڻ لاء وڏي انگ ۾ متاثرن وٽ پھچي ويا، جن متاثرن عورتن ۽ مردن سميت پوليس ۽ رياستي ڏاڍ خلاف مظاھرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ايس يو پي مرڪزي اڳواڻ اعجاز سامٽيو، مشتاق سرڪي، سنڌي عوامي سٿ جي اڳواڻ قومي شاعر مھر ڊٻائي ايس ٽي پي اڳواڻ مبارڪ ڀٽي، پي ٽي آ اڳواڻ حليم عادل شيخ، محبوب عباسي، جي يو آ اڳواڻ حماد ڀٽو، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ عورتن ادروز ڪٽپر، شھربانو ۽ ٻين اڳواڻن ڳالھائيندي چيو تـ سچل پوليس عبدالله شاهه غازي ڳوٺ وارن جي مٿان پنھنجو قھر برپا ڪندي گھرن کان بي دخل ڪرڻ لا رھواسين مٿان سڌيون گوليون ۽ شيل ھلايا آھن، سنڌي ماڻھن مٿان گوليون ھلايون وڃن ٿيون افغاني ۽ ڌارين جون وسـنديون ريگيولرائيز ڪري انھن کي تحفظ ڏنو پيو وڃي، پوليس جي دھشتگردي ڪنھن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي، سنڌي ماڻھن کي فلسطين ۽ اسرائيل بڻجڻ نه ڏينداسين. پنھنجي ڌرتي ڌڻين جي تحفظ ۽ سنڌ جي نياڻين جي لوئي لڄ جي حفاظت لا ھاڻي فيصلائتي ۽ تاريخي جدوجھد ڪئي ويندي. ھنن وڌيڪ چيو ته سمورا سنڌ واسي رياستي ڏاڍ ۽ پوليس گردي خلاف سڀاڻي ايس يو پي سربراهه زين شاهه جي اڳواڻي ۾ اڄ آچر ڏينھن احتجاج ۾ ڀرپور نموني شامل ٿي مزاحمتي جدوجھد جي شروعات ڪندا، جنھن بعد مرحليوار جدوجھد شروع ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button