سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ سيپڪو عملي جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻي جي غريب آباد پاڙي جي رهواسين طرفان سيپڪو عملي جي مبينا زيادتين خلاف شيخ زيد روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد ڌرڻو هنيو ويو، جنهن سبب ڪجھ وقت لاءِ ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ معطل پڻ ٿي وئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ علائقي واسين بشير ملگاڻي، نويد چانڊيو، جمن لولائي، جاويد ڪلهوڙو، رجب چانڊيو ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته گذريل هفتي کان اسان جو ٽرانسفارمر سڙي ويو آهي، اھو ته نه ٿو ٺاهيو وڃي پر نئين چونڊيل چيئرمين شفيق چانڊيو پ پ پ اڳواڻ جميل سومرو کان هڪ نئون ٽرانسفارمر وٺي ڏنو آهي، ان ٽرانسفارمر لاءِ پول به لڳي ويا آهن ۽ ٽرانسفارمر سميت سمورو سامان به اسان وٽ موجود آهي، پر سيپڪو شيخ زيد انتظاميه نئون ٽرانسفارمر لڳائڻ کان لنوائي رهي آهي. هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيستائين اسان کي نئون ٽرانسفارمر لڳي نه ملندو اسان جو احتجاج جاري رهندو. پوليس ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين کي منٿون ڪيون ته پر هنن احتجاج ختم ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو ته جيستائين اي سي لاڙڪاڻو ڳالهيون ڪري نئون ٽرانسفارمر لڳائڻ جو يقين نه ڏيارائيندو تيستائين اسان جو احتجاج جاري رهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button