سنڌ

نئون ديرو هائوس ويجهو رٽائرڊ ليڊي ٽيچر جي گهر کي چور ٻهاري ويا

نئون ديرو ڀٽو ھائوس ڀرسان موجود کهڙا محلي مان رٽائرڊ ليڊي ٽيچر مريم سولنگي جي گهر جا تالا ۽ ڪنڊا ڪٽي گهر ۾ پيل الماڙين جا تالا ڪٽي 2 تولا سونا زيور، هڪ ليپ ٽاپ، 90 هزار روڪ رقم، چيڪ بڪ سميت ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري ويا. رٽائرڊ ليڊي ٽيچر ما جي طبيعت خراب هجڻ ڪري گهر کي تالو هڻي کيس سکر علاج لاءِ نيو ويو ته چور پٺيان گهر جا تالا ۽ ڪنڊا ڪاٽي چوري ڪري ويا. گهر ۾ موجود ٽن ڪمرن جا ڪنڊا ۽ تالا ڪٽي واردات ڪئي وئي. متاثر گهر ڌڻين امجد عرف جاني سولنگي، اورنگزيب سولنگي، ڪاشان سولنگي ۽ ٻين احتجاج ڪيو. هنن چيو ته چور پنج لک ماليت جي چوري ڪري ويا آھن، غريب آھيون انصاف ڪيو وڃي ٻئي پاسي فارنزڪ ٽيم ذريعي جوابدارن جون شاھديون گڏ ڪيو ويون. ان موقعي تي شهرين مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي چوري واپس ڪرائي جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button