سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ جيئي سنڌ محاذ جي ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ لا احتجاجي ريلي

لاڙڪاڻي ۾ جيئي سنڌ محاذ ضلعي پاران سنڌ ۾ آباد افغانين ۽ ٻين ڌارين سان ڪاروبار جو بائيڪاٽ ڪري کين صوبي مان نيڪالي ڏيڻ لاءِ ريلي ڪڍي جناح باغ چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي جسم جي وائيس چيئرمين فيض الله جوڻيجو، علي نواز جت، ڊاڪٽر آدم ٻٽ، سراج ڪلهوڙو، اصغر شيخ، فضل حيدري، آزاد نجاري، سرور ابڙو، گوهر سنڌي، ڪريم چانڊيو، محمد علي ابڙو ۽ ٻين چيو ته ريلي جو مقصد صرف اهو آهي ته سنڌ ۾ آباد افغاني پٺاڻن سميت ٻين ڌارين سان ڪاروبار جو مڪمل طور تي بائيڪاٽ ڪري کين صوبي مان نيڪالي ڏيڻ آهي، جنهن لاءِ ريلي ذريعي سنڌي ماڻهن کي آگاهي ڏئي رهيا آهيون. هندستانين جو اچڻ بند ٿيو ته گذريل 50 سالن کان وٺي افغانين جو اچڻ جاري آهي، سپريم ڪورٽ اڄ کان 11 سال اڳ افغانين کي پنهنجي ملڪ واپس موڪلڻ جون واضح هدايتون ڪيون پر ان تي عمل نه ٿي سگهيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ اندر آباد افغانين سميت ٻين ڌارين کي فوري نيڪالي ڏئي ڌرتي ڌڻين سان انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button