سنڌ

ستين گهرشماري جي درستگي ۽ صداقت تي خدشا آهن:وڏو وزير

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيف شماريات ڊاڪٽر نعيم ظفر جي اڳواڻي ۾ وفاقي شماريات کاتي جي آيل وفد سان ملاقات ۾ چيو آهي ته آبادي ۽ گهرن جي ستين گهر شماري لاءِ اختيار ڪيل ٽيڪنالاجي سان سندن ڪوبه تعلق ناهي پر ان جي درستگي ۽ صداقت بابت خدشا آهن. اجلاس ۾ (سنڌ حڪومت پاران)سينيٽر تاج حيدر، محنت وارو صوبائي وزير سعيد غني، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، چيئرمين پي اينڊڊي حسن نقوي، وڏي وزير جو اسپيشل سيڪريٽري رحيم شيخ شريڪ ٿيا، جڏهن ته (گهر شماري کاتي پاران) چيف شماريات ڊاڪٽر نعيم ظفر، ٻين ميمبرن ۾ سرور گوندل ۽ ايازالدين، ڊپٽي ڊي جي گهرشماري رابعه اعواڻ ۽ ڊائريڪٽر منور گهانگهرو شرڪت ڪئي. ڊاڪٽر نعيم ظفر سنڌ جي وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته 27 جولاءِ 2022 کان ڊجيٽل گهر شماري ۽ پائلٽ ڊجيٽل (گهرشماري) شروع ڪئي وئي آهي، جنهن تحت فيلڊ سروسز جاري آهن. سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ستين آدمشماري لاءِ ٽيڪنالاجي جي جدت سان گڏ جامع تربيت شروع ڪئي وئي آهي. ان تي وڏي وزير چيو ته ڇهين آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي گهٽ ڳڻي وئي. هن چيو ته اهو مسئلو ناهي ته توهان (بيورو) ڳڻپ لاءِ ڪهڙي ٽيڪنالاجي استعمال ڪري رهيا آهيو پر سوال ان جي درستگي ۽ صداقت جو آهي. مراد علي شاهه کي ٻڌايو ويو ته گهرشماري جو ورڪ پلان/ سوال نامو تيار ڪيو ويو آهي ۽ آدمشماري جي نگراني لاءِ ڪميٽيون پڻ قائم ڪيون ويون آهن. اجلاس ۾ صوبن جي تجويزن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ وڌيڪ اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button