سنڌ

سنڌ حڪومت بلوچستان جي برسات متاثرن جي مدد ڪري:بلاول ڀٽو

وفاقي پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ حڪومت ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي تنظيم کي هدايتون ڏنيون آهن ته بلوچستان ۾ برسات متاثرن جي مدد لاءِ ترت قدم کنيا وڃن. بلاول هائوس ميڊيا سيل ۾ جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري سنڌ حڪومت کي خاص هدايتون ڏنيون ته بلوچستان جي متاثرن جي وڌ ۾ وڌ مدد ڪئي وڃي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ۽ پاڪستان جي عوام هن مشڪل گهڙي ۾ پنهنجي بلوچستان جي ڀائرن سان گڏ آهي. ٻئي پاسي سنڌ جي وڏي وزير پي ڊي ايم اي کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن ته سنڌ حڪومت بلوچستان جي برسات متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button