سنڌ

تحريڪ انصاف تي پابندي لڳائي وڃي:سنڌ ڪابينا

سنڌ ڪابينا جي ميمبرن شرجيل انعام ميمڻ، سيد ناصر حسين شاهه، شهلا رضا، نواب تيمور ٽالپر ۽ قاسم نويد چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن تاريخي فيصلو ڏنو آهي، ثابت ٿي ويو ته عمران خان انٽرنيشنل چور آهي، جنهن نه صرف قوم کي دوکو ڏنو آهي، پر پوري دنيا ۾ رهندڙ پاڪستانين جي جذبن سان کيڏڻ ۾ ڪائي ڪسر ناهي ڇڏي. پاڪستان جو اڳوڻو وزيراعظم سڀ کان وڏو مني لانڊر نڪتو . هنن چيو ته وفاقي حڪومتي ادارن ايف آءِ اي سميت نيب، ايف بي آر، اسٽيٽ بينڪ کي فوري طور تي تحرڪ ۾ آندو وڃي، ان سان گڏ عمران خان ۽ سندس ساٿارين جا نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪيا وڃن ته جيئن اهي ماڻهو ملڪ مان فرار نه ٿي سگھن. ھنن وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته معاملي جي وڌيڪ جاچ لاءِ جي آئي ٽي جوڙي وڃي ۽ قانون اجازت ڏئي ته عمران خان کي گرفتار ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هنن سنڌ اسيمبلي آڊيٽوريم ۾ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير اطلاعات سنڌ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هي شخص پاڪستان لاءِ بدنامي جو ڪارڻ بڻيو آهي، هاڻي اسان جي ملڪ کي چيرٽي ڪير ڏيندو، هن شخص جي حرڪتن جي سبب پوري دنيا کي غلط پيغام ويو آهي. فيصلي مان ثابت ٿي ويو ته عمران خان کان وڏو چور، منافق ، ڪوڙو، دوکي باز پاڪستان جي تاريخ ۾ پيدا ناهي ٿيو. هن چيو ته ثابت ٿي ويو ته عمران خان جا ذاتي مفاد هئا، شوڪت خانم ۽ پي ٽي آئي جي نالن سان فنڊز ورتا ۽ انھن ۾ ٻه نمبري ڪئي. ھنن جي چهري تان شرافت جو ماسڪ لهي چڪو آهي، هي شخص ھاڻي پاڪستان جي سياست لاءِ ناسور بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته آخر پاڪستان جي سياست ۾ اسرائيل ۽ انڊيا جا ماڻهو ڇو فنڊنگ ڪري رهيا آهن، عمران خان انھن جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيو آهي، هي شخص فرح گوگي ۽ عارف نقوي جهڙن ڊڪليئرڊ ماڻهن جو دفاع ڪندو رھي ٿو . صوبائي وزير چيو ته اڄ جي فيصلي جي روشني ۾ عمران خان تي پابندي لڳڻ گهرجي. هي شخص صادق ۽ امين ناهي رهيو. هي شخص جيڪو صادق ۽ امين جو سرٽيفڪيٽ کڻي هلندو هو. اسان ته ان وقت ئي چيو هو ته هي صادق ۽ امين ناهي. هن چيو ته عمران خان هسٽري شيٽر ۽ ڪارپوريٽ ڪرمنل شخص آهي. ھن شخص ۽ ان جي ساٿارين کي سخت سزا ڏني وڃي ۽ ان ڪيس کي مثال بڻايو وڃي. هن چيو ته پاڪستان جو اڳوڻو وزيراعظم سڀ کان وڏو مني لانڊرر نڪتو. پوري دنيا جي ملڪن ۾ ڪمپنيون ٺاهي ڪري پيسا جمع ڪرايا ۽ هي پيسا پنهنجي ذات لاءِ استعمال ڪندو رهيو. هن چيو ته عمران خان جي پوڻا چار سالن جي حڪومتي دور ۾ جيڪي به قدم کنيا ويا، انھن جي جاچ ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ھاڻي عمران خان جي نااهلي تي ڳالهھ ختم نه ٿيندي، نااهل قرار ڏيڻ ڪنهن ڏوھ جي سزا نٿي ٿي سگهي. ٻاھرين ملڪن کان اچڻ وارا پيسا عمران خان پنهنجي عياشين تي اڏاريا. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هي فيصلو ڪنهن جي آبزرويشن ناهي، هي فيصلو آئيني اداري جو فيصلو ڏنو آهي، جيڪو 8 سالن جي ڪارروائي کانپوءِ سامهون آيو آهي. هن چيو ته وفاقي وزير داخلا رانا ثنا الله کي گذارش آهي ته انهن سڀني جا نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ وجهڻ جو فوري نوٽيفڪيشن جاري ڪن. ڇو ته هاڻي وفاقي حڪومت تي لازم آهي ته انهن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. هاڻي لاڊلا ازم جو خاتمو ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته عوام روڊن تي هوندو. قانون سڀن لاءِ هڪ جھڙو ھئڻ گھرجي. هن چيو ته مان سمجهان ٿو ته ترت ئي پي ٽي آئي ڪالعدم تنظيم بڻجي ويندي، ضروري آهي ته ڪالعدم تنظيم جي سربراهه عمران خان ۽ ان جي جماعت تي پابندي لڳڻ گهرجي. هن چيو ته اڊيالا جيل جي صفائي ڪئي وڃي، شرجيل انعام مميڻ چيو ته هو پي ٽي آئي جي باني ميمبر اڪبر ايس بابر جي جرئت کي سلام پيش ڪري ٿو، جنهن اٺن سالن تائين ھن ڪيس جي پيروي ڪئي ۽ ثابت قدم رھيو. جڏهن ته اڪثر ڪيسن ۾ ماڻھو ھڪ ٻن شنوائين کان پوءِ ھمت ھاري وينھندا آھن. هن چيو ته عمران خان ۾ اخلاقي جُرئتَ آهي ته فوري طور تي چيئرمين جي عهدي تان استيعفيٰ ڏي ۽ پي ٽي آئي کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري. ھن چيو ته پي ٽي آئي خلاف فيصلو فيصلو اچڻ کانپوءِ پي ٽي آئي وارا پنهنجي فيس سيونگ جي لاءِ اهڙا بيان جاري ڪري رهيا آهن، انهن جا چهرا بي نقاب ٿي چڪا آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ملڪ ان جو ھاڻ وڌيڪ متحمل نٿو ٿي سگهي ته لاڊلي عمران خان کي هر دفعي نڪرڻ جو محفوظ رستو ڏنو وڃي. عوام ۾ هن وقت شديد ڪاوڙ آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته شوڪت خانم بهترين ادارو آهي، اهڙا 100 ادارا ملڪ ۾ هجڻ گهرجن. پر شوڪت خانم جي چيرٽي جي پيسن تي عمران عياشيون ڪيون آهن. شوڪت خانم اسپتال جو آڊٽ ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن ٻه نمبري ثابت ٿئي ته وفاقي حڪومت ان کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏي. مڪاني کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته عمران خان انٽليڪچول ڪرپٽ آهي. ڪوڙ ڳالهائي ملڪ ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرن چاهي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button