سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ چانڊڪا ملازم جو دوا ڪمپني جي مئنيجر خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي رحمت پور ڪالوني جي رهواسي چانڊڪا اسپتال جي ملازم دوائن جي ڪمپني جي مئنيجر جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو . ان موقعي تي ڊاڪٽر سجاد عباسي چيو ته مان اکين واري شعبي ۾ ڊيوٽي ڪندو آهيان. هن الزام لڳايو ته او پي ڊي ۾ خانگي دوا ڪمپني مئنيجر عبدالحڪيم چانڊيو اسان وٽ علاج لاءِ پهتل مريضن کي زوري پنهنجي ڪمپني جون دوائون لکرائي رهيو هو، اهڙي شڪايت ڪرڻ تي هيڊ آف ڊپارٽمينٽ پروفيسر ڊاڪٽر پرتاب راء مينجر کي آفيس وٺي ويو، جنهن بعد ڊاڪٽر پرتاب راءِ چيو ته اڄ بعد ڪو ميڊيڪل ريپ هتي نه اچي. جڏهن ته هيڊ آف ڊپارٽمينٽ سامهون مئنيجر عبدالحڪيم چانڊيو مونکي ڳرا نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون. هن صحت کاتي جي صوبائي وزير، ايم ايس لاڙڪاڻي سميت پوليس اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي دوائن جي مئنيجر خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button