وارهه جي رهواسڻ ڇهين ڪلاس جي شاگردياڻي اسڪول کان واپس گهر ايندي رستي مان گم ٿي وئي. وارهه ۾ اسڪول وڃڻ بعد 12 ورهين جي نياڻي آسيه چانڊيو گهر نه پهتي. وارثن ڪامريڊ غلام مصطفى چانڊيو، خان بلاڻي، ڪامريڊ سرتاج چانڊيو،ساگر مشتاق چانڊيو ۽ ٻين عوامي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي نياڻي جي بازيابي جو مطالبو ڪيو. ان موقعي تي خان بلاڻي چيو ته منهنجي ڀائيٽي آسيه ڇهين ڪلاس ۾ پڙھندي آھي، جيڪا اسڪول وڃڻ کانپو واپس گهر نه پهتي، جنهن بعد اسڪول انتظاميا سان رابطو ڪرڻ تي ھنن ٻڌايو ته نياڻي اسڪول آئي ھئي. ھن چيو ته بعد ۾ اسان وارهه ٿاڻي اطلاع ڏنو ۽ پوليس جي نگراني ھيٺ اسڪول کي سرچ ڪيو ويو پر ڪو ڏس پتو نه مليو آھي، اسان کي شڪ آھي ته نياڻي کي اغوا ڪيو ويو آهي. نياڻي جي وارثن انتظاميا کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي نياڻي کي بازياب ڪرائي انصاف ڏياريو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close