سنڌ

ڪراچي پوليس هيڊڪواٽر ۾ دستي بم ڌماڪو،2 اهلڪار فوت،2 زخمي

ڪراچي جي علائقي گارڊن ۾ پوليس هيڊڪوارٽر ۾ دستي بم جي ڌماڪي ۾ ٻه اهلڪار فوت ۽ ٻه زخمي ٿي پيا. پوليس مطابق ڌماڪو هيڊڪوارٽر گارڊن جي هٿيار رکڻ واري جاءِ تي ٿيو، اسپتال ذريعن مطابق واقعي کان پوءِ چئن زخمي پوليس اهلڪارن کي اسپتال پهچايو ويو، جتي علاج دوران ٻه اهلڪار فوت ٿي ويا، شهيد ٻن اهلڪارن جي سڃاڻپ 45 ورهين جي سپاهي صابر ۽ 40 ورهين جي شهزاد جي نالي سان ٿي آهي، زخمي اهلڪارن ۾ 40 ورهين جو علي گوهر ۽ 55 سالن جو سعيد شامل آهن، جن جو اسپتال ۾ علاج جاري آهي. شروعاتي اطلاعن مطابق ٻنهي زخمي اهلڪارن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. اسپتال ذريعن مطابق واقعي کان پوءِ چئن زخمي پوليس اهلڪارن کي اسپتال پهچايو ويو، جتي علاج دوران ٻه اهلڪار فوت ٿي ويا، پوليس مطابق دستي بم گارڊن پوليس هيڊڪوارٽر جي مال خاني ۾ صفائي دوران ڦاٽو. واقعو دهشتگردي نه آهي پر اوچتو حادثو آهي. ايس ايس پي سٽي مطابق اربع جي صبح گارڊن پوليس هيڊ ڪوارٽرز اندر مال خاني ۾ ڌماڪو ٿيو. هن ٻڌايو ته صفائي دوران گرنيڊ ڦاٽڻ سان ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو. ڪائونٽر ٽيررزم ڊپارٽمينٽ سنڌ جو ڊي آئي جي آصف اعجاز واقعي کان ترت پوءِ واقعي واري هنڌ پهتو. ڊي آئي جي آصف اعجاز شيخ مطابق گارڊن پوليس هيڊڪوارٽر جي مال خاني مان پوليس اهلڪار ٻه دستي بم ٻاهر ڪڍي رهيا هئا ته انهن مان هڪ جي پن نڪري وئي، جنهن سان زوردار ڌماڪو ٿيو، هي مال خانو اهڙي هنڌ تي آهي، جتي دهشتگردي جو ڪوئي عنصر ظاهر نٿو ٿي سگهي. هن ٻڌايو ته ان اسلحي جو معائنو اندر ئي ٿيڻ گهرجي ها، اهلڪارن دستي بم ٻاهر ڇو ڪڍيا، ان ڳالهه جي جاچ ڪئي پئي وڃي، آصف اعجاز شيخ تصديق ڪئي ته هن واقعي ۾ 2 اهلڪار فوت جڏهن ته ٻه زخمي ٿيا. فوتي صابر پوليس ڪانسٽيبل ۽ موچي طور ڪم ڪندو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button