سنڌ اسيمبلي اربع تي پنهنجي اجلاس ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ترميمي بل اڪثريت راءِ سان پاس ڪري ورتو، بل تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار شاهه پيش ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ ۾ چيئرمين 19 گريڊ جو مقرر هوندو هو، جنهن جي مقرري جو اختيار وڏي وزير ۽ چيف سيڪريٽري کي ڏنو ويندو. ايم ڪيو ايم جي ميمبر خواجا اظهارالحسن چيو ته هو هن بل کي رد ڪن ٿا. هن چيو ته سنڌ حڪومت کي شايد ڪابينا تي ڀرسو نه آهي. هن وقت وڏي وزير وٽ ڪيترائي کاتا آهن، اهڙي طرح بورڊ ختم ٿي ويندو. اهڙي طرح ته سمورن هنڌن تي وڏي وزير کي اختيار ڏئي ڇڏيو، جنهن تي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته سپريم ڪورٽ هڪ آرڊر ڪڍيو هو، جنهن ڪم تي گورنمينٽ لکيو آهي ان کي ڪابينا ۾ کڻي وڃڻو آهي. هن چيو ته ننڍيون ننڍيون شيون ڪابينا ۾ وڃن ٿيون. صوبائي وزير سردار شاهه چيو ته هي ترميم گهڻو اڳ طئي ڪئي وئي هئي، انکان پوءِ هڪ مڪمل بل آڻينداسين، سنڌ اسيمبلي ترميمي بل اڪثريت راءِ سان پاس ڪري ورتو. ايوان صوبائي موٽر ويڪلز ترميمي بل جي رپورٽ جي به منطوري ڏني، جنهن کان پوءِ سنڌ اسيمبلي اجلاس خميس جي منجهند 2 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close