سنڌ

عمران خان ڪيستائين عدالتن پٺيان لڪندو رهندو:شرجيل ميمڻ

سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ گذريل رات تائين چئي رهي هئي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي فيصلي ۾ سندن خلاف ڪجهه به ناهي. پوءِ ٻڌائين ته اهي فيصلي خلاف عدالت ڇو پيا وڃن؟ پنهنجي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ هن چيو ته عمران خان ڪيسيتائين عدالتن پٺيان لڪندو ۽ پاڻ کي بچائيندو رهندو. جيڪڏهن پي ٽي آئي خلاف اليڪشن ڪميشن جي فيصلي ۾ ڪجهه به ثابت ناهي ٿيو ته پو هي اليڪشن ڪميشن ٻاهران احتجاج ڪرڻ ڇو پيا وڃن؟ پي ٽي آئي ڪڏهن چوي ٿي ته فيصلي ۾ انهن مٿان ڪو به الزام ناهي، ڪڏهن چوي ٿي ته اهي فيصلي خلاف عدالت ويندا ۽ وري اهي ماڻهو احتجاج جو اعلان به ڪري رهيا آهن. هن چيو ته مني لانڊرنگ ۽ ٻه نمبري ثابت ٿيڻ تي پي ٽي آئي جون وايون بتال ٿي ويون آهن. پي ٽي آئي ڪيستائين عوام کي بيوقوف بڻائيندي رهندي. هن چيو ته هاڻ جيل جا رستا پي ٽي آئي اڳواڻن کان گھڻو پري ناهن رهيا. ڪالھوڪي فيصلي مان پي ٽِي آئي تي غير ملڪي فنڊنگ ۽ منع ڪيل فنڊنگ ثابت ٿي چڪي آهي. هن چيو ته هي ڪيس ايترو به سادو ناهي. هن ڪيس ۾ مني لانڊرنگ، ٺڳي ۽ ڪرپشن سميت سموريون ڪرمنل شقون لاڳو ٿين ٿيون. صوبائي وزير چيو ته عمران خان جو مڪروه چهرو عوام اڳيان وائکو ٿي چڪو آهي. آئين ۽ قانون موجب جيڪڏهن هن ڪيس کي ڏٺو وڃي ته عمران خان ۽ ان جي ساٿارين کي گھٽ ۾ گھٽ 7 سال سزا اچي سگھي ٿي. هن فيصلي کان پوءِ عمران خان پنهنجي ورڪرن ۽ عوام کي منهن ڏيکارڻ لائق ناهي رهيو. هن چيو ته عمران خان جي لاڏلي بڻجڻ وارا ڏينهن هاڻ ختم ٿي چڪا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button