سنڌ

مقامي ماڻهن کي گئس ڏيارڻ لا لانگ مارچ،ڏهرڪي ۾ استقبال

سنڌ ۾ مقامي ماڻهن کي گئس ۽ ٻيون سهولتون ڏيارڻ لا ساگر ترقياتي تنظيم پاران سنڌ پنجاب بارڊر کان ڪراچي پريس ڪلب تائين شروع ڪيل لانگ مارچ ڏهرڪي پهتو، جنهن جو استقبال ايس ٽي پي اڳواڻ ڄام عبدالفتح سميجو ۽ ٻين ڪيو، جنهن کانپو ماڙي پيٽروليم گيس ڪمپني جي گيٽ آڏو مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ساگر ترقياتي تنظيم جي اڳواڻ روشن لکڻ چيو ته اسان سنڌ مان نڪرندڙ گيس ۽ پيٽرول جي زخيرن بعد اتان جي مقامي ماڻهن کي گيس ۽ پيٽرول ڪمپنين پاران سهولتون فراهم نه ڪرڻ خلاف جهدوجهد ڪري رهيا آهيون. اسان گيس ڪمپنين جي زيادتين خلاف سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو هو، جنهن بعد سپريم ڪورٽ جي فيصلي مطابق گيس ڪمپنين کي گيس نڪرندڙ علائقي ۾ 5 ڪلو ميٽر ايندڙ ڳوٺاڻن کي گيس جون سهولتون فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. هن چيو ته مقامي ماڻهن جا 60 ارب کان مٿي روينيو ڏيڻو آهي پر ماڙي گيس انتظاميه اٽي ۾ لوڻ برابر رڳو مقامي علائقن ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ 3 ارب جاري ڪيا آهن، جيڪا نااصافي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button