سنڌ

نفرت ڦهلائيندڙن جو گڏجي مقابلو ڪنداسين:شازيا مري

وفاقي وزير شازيا عطا مري سڄي قوم کي جشن آزادي جون مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته ملڪ اندر جيڪي ماڻهو نفرت ڦهلائيندا آهن، اسان سڀ گڏجي انهن جو مقابلو ڪنداسين. پاڪستان جي 75هين يوم آزادي جي موقعي تي پنهنجي جاري ويڊيو بيان ۾ هن چيو ته اسان کي پاڪستاني هئڻ تي فخر آهي، پاڪستان اسان جي سڃاڻپ آهي. اسان جي ڪوشش ۽ هر قدم پاڪستان جي بهتري ۽ ترقي لاءِ هوندو. اسان ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيون ٿا ته هڪ قوم بڻجي وطن جي خدمت ڪنداسين ۽ باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي پاڪستان کي يقيني بڻائينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button