سنڌ

سنڌ حڪومت جو ڌاڙيلن خلاف آپريشن جو فيصلو

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته عمران خان جي جلسن ۾ ماڻهو ان ڪري ايندا آهن، ڇوته هو وڏو وندرائيندڙ آهي ۽ کين سائنس، جاگرافي، مذهب ۽ فينالوجي جون نيون معنائون سيکاريندو آهي. هن چيو ته هو چوي ٿو ته روشنيءَ جي رفتار سان ٽرينون هلائينداسين، هو چوي ٿو ته جرمني ۽ جاپان جون گڏيل سرحدون آهن، هو چوي ٿو ته الله تعاليٰ ماڻهن کي غير جانبدار رهڻ جي اجازت نٿو ڏئي ۽ هو اهو پڻ چوي ٿو ته پاڪستان ۾ 12 موسم آهن. هن پي ٽي آءِ سربراهه جي تقريرن جا ڪجهه حوالا ورتا ۽ چيو ته ماڻهن وٽ کين جلسن کانسواءِ کل ڀوڳ لاءِ وندر لاءِ ڪا جاءِ ناهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ (اين آءِ سي ايڇ) جو دورو ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، جتي هن سڄي صوبي ۾ هڪ هفتي لاءِ پوليو مهم جي شروعات ڪئي. ان موقعي تي صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، عزيز ميمڻ، صحت وارو سيڪريٽري ذوالفقار شاهه، ڪمشنر ڪراچي اقبال ميمڻ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. وڏي وزير چيو ته ميوزيڪل شوز، ٿيٽر ۽ فلمون وڏي انگ ۾ ماڻهن جو ڌيان ڇڪرائينديون آهن پر ان جو مطلب اهو ناهي ته هو ڪنهن “دهل وڄائيندڙ” کي حڪمران چونڊيندا. هڪ سوال جي جواب ۾ مراد علي شاهه چيو ته هن (عمران خان) لاهور ۾ آزادي ريلي ڪڍي ۽ پاڪستان جي آزادي جو اعلان ڪيو. هن چيو ته ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته عمران خان باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي جدوجهد کي رد ڪري رهيو آهي، جنهن 75 سال اڳ اسان کي آزادي ڏني هئي. هن وڌيڪ چيو ته هو (عمران خان) شايد غلامي جي حالت ۾ هجي پر اسان بحيثيت قوم آزاد آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته صوبائي ڪابينا شهر ۾ روڊن جي مرمت لاءِ هڪ ارب رپين جي منظوري ڏني آهي. هن چيو ته اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته برساتن سبب تباهه ٿيل روڊن ۽ نيڪال سسٽم جي بحالي ۽ برسات متاثر ماڻهن جي بحالي لاءِ 10 ارب رپين جو بندوبست ڪيو وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ مراد علي شاهه چيو ته سندس پارٽي صحافت جي آزادي لاءِ جدوجهد جي ڊگهي تاريخ رکندڙ آهي پر ملڪ جي ڪنهن به ميڊيا هائوس تڏهن آواز نه اٿاريو جڏهن آصف علي زرداري جو رڪارڊ ڪيل انٽرويو نشر ٿيڻ نه ڏنو ويو. هن چيو ته سڀني کي ملڪ جي قانون ۽ آئين جو احترام ڪرڻو پوندو.مراد علي شاهه چيو ته هن 15 کان 21 آگسٽ 2022 تائين ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ سڄي صوبي ۾ پوليو مهم شروع ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته 22 آگسٽ کان 28 آگسٽ تائين شهيد بينظير آباد، ميرپورخاص، سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن جي ٻين ضلعن ۾ مهم شروع ڪئي ويندي. وڏي وزير چيو ته مهم تحت 5 سالن کان گهٽ عمر جي 9 ڏهائي 9 ملين کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا. هن چيو ته سڄي صوبي ۾ هن مهم ۾ 33982 ٽيمون ۽ 9137 سپروائيزر حصو وٺندا ۽ مختلف ادارن مان 3556 پارٽنر اسٽاف معاون نگراني لاءِ مقرر ڪيا ويندا. مراد علي شاهه موجب 9 ڏهائي 9 ملين ٻارن جي ٽارگيٽ مان 2 ڏهائي 4 ملين کان وڌيڪ ٻار رڳو ڪراچي ۾ رهن ٿا. هن چيو ته اپريل 2022ع ۾ پاڪستان ۾ پوليو جا 14 ڪيس سامهون آيا آهن ۽ انهن سڀني جو تعلق ڏکڻ خيبرپختونخوا سان آهي. هن چيو ته جولاءِ 2020ع کان وٺي سنڌ ۾ پوليو جو ڪوبه ڪيس سامهون ناهي آيو ۽ گذريل هڪ سال کان لڳاتار ماحول جا ناڪاري نمونا آڏو آيا آهن. هن چيو ته اتر وزيرستان مان پهريون ڪيس (اپريل 2022) سامهون اچڻ کانپوءِ اي او سي سنڌ ٻين صوبن سان لڳندڙ سرحدن سان گڏ اچ وڃ وارن رستن تي 571566 ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارا ويندا، جن مان 13088 جو تعلق ڏکڻ خيبرپختونخوا ضلعي سان آهي. مراد علي شاهه چيو ته جيڪڏهن اسان ان ئي رفتار ۽ جذبي سان اڳتي وڌندا رهياسين ته وڌيڪ اهم نتيجا ڏسڻ ۾ ايندا پر اسان کي مطمئن نه ٿيڻ گهرجي ۽ ڪم جاري رکڻ گهرجي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ضرورت پوڻ تي بلوچستان ۽ پنجاب پوليس کان به مدد ورتي ويندي. صوبي ۾ بدامني سميت ٻين ڏوهن بابت سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته ٻه ويڊيوز مون به ڏٺيون آهن، سٺا خراب ماڻهو هر هنڌ هوندا آهن، ڪجهه ماڻهو پراڻيون ويڊيوز وائرل ڪري ڏڦيڙ پکيڙڻ چاهين ٿا. نفرت پکيڙيندڙ ۽ سماج دشمن خلاف ڪارروائي ڪنداسين، اسان کين ختم ڪنداسين، جيئن ماضي ۾ شڪارپور واقعي تي ايڪشن ورتو ويو، جيڪو سڀني کي نظر پڻ آيو، هن وقت بگٽي واري علائقي مان مسئلا اچي رهيا آهن، سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب جي گڏيل بارڊر واري علائقي ۾ مسئلا آهن، سنڌ ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ضرورت پوڻ تي بلوچستان ۽ پنجاب پوليس کان به مدد ورتي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button