سنڌ

نواب ولي محمد واقعو،مک جوابدار گرفتار نه ٿيڻ ۽ ڌمڪين خلاف مظاهرو

نواب ولي محمد ڀرسان مرزاپور ٿاڻي جي حد ديھه ٻنڀائي ۾ 12 فيبروري تي قتل ڪيل پنج ڳوٺاڻن ٽوهه فقير ڀنڊ، اڪمل ڀنڊ، صابن ڀنڊ، اياز ڀنڊ ۽ معشوق ڀنڊ جي وارثن ڪيس جي شنوائي دوران دھشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاھران روشن ڀنڊ، حاجي ڀنڊ ۽ ابن ڀنڊ جي اڳواڻي ۾ مک جوابدار گرفتار نه ٿيڻ ۽ پوليس عملدارن پاران ڌمڪيون ڏيڻ خلاف مظاهرو ڪيو، جتي اڳواڻن چيو ته مک جوابدار محسن زرداري ۽ عابد زرداري کي گرفتار نٿو ڪيو وڃي. پوليس عملدار اسان کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ته جوابدارن سان ٺاهه ڪريو. پوليس اسان کي ڌمڪيون ڏيندي چيو ته جيڪڏهن توهان ٺاهه نه ڪيو ته قتل جا ڪيس داخل ڪيا ويندا. قتل ڪيس ۾ توھان کي ملوث ڪيو ويندو. ھنن اعلى عدالتن کان گھر ڪئي ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي. مک جوابدار گرفتار ڪيا وڃن ۽ ڌمڪيون ڏيندڙن پوليس عملدارن خلاف قدم کنيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button