سنڌ

سنڌ ۾ زوردار برسات، مختلف واقعن ۾ ٻِن ڀائرن سميت 5 ڄڻا فوت

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تيز برسات جو سلسلو جاري گذريل ڏينهن به جاري رهيو. وڳڻ ويجهو وڄ ڪرڻ سبب ٻن سڳن ڀائرن سميت 3 ڄڻا، ٽنڊو ڄام ۾ وڄ ڪرڻ سبب نوجوان فوت ٿي ويو، مٺي ۾ هوٽل تي ڪم ڪندڙ پورهيت پاڻي جي موٽر مان لڳڻ سبب فوت ٿي ويو. خبر موجب حيدرآباد ۽ ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گذريل ڏينهن به برسات جو وسڪارو جاري رهيو. وڳڻ ويجهو سم شاخ وٽ زمين تي رونبو ڪرڻ بعد وڻ هيٺان ويهي ماني کائيندڙ ڳوٺ وڪاموري واسي هڪ ئي گهر جي چئن ڄڻن مٿان برسات دوران وڄ ڪري پئي، نتيجي ۾ ٻه سڳا ڀائر 22 ورهين جو محمد اسحاق، 14 ورهين جو محمد خان پٽ ربن علي وڪو ۽ سندن سئوٽ محمد امين پٽ سڪندر علي وڪو سڙي فوت ٿي ويا. فوتي ٻن ڀائرن جو پي ربن وڪرو سڙي سخت زخمي ٿي پيو. ڳوٺاڻن چئني ڄڻن کي وڳڻ جي سرڪاري اسپتال پهچايو، ٽنهي نوجوانن جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. عورتون لاشن کي چنبڙي رڙيون ڪنديون رهيون، ھڪ ئي گھر مان 3 لاش کڄڻ وقت ماحول سوڳوار ٿي ويو. ٻئي طرف ٽنڊو ڄام ويجهو ڳوٺ امام بخش پسيو ۾ وڄ ڪرڻ سبب 25 ورهين جو نوجوان حمد الله پٽ علي گوهر پسيو ٿڏي تي فوت ٿي ويو. هوڏانهن مٺي ۾ تيز برسات دوران سول اسپتال سامهون هوٽل تي ڪم ڪندڙ پورهيت 45 ورهين جو عبدالڪريم هڱورجو پاڻي جي موٽر مان ڪرنٽ لڳڻ سبب ٿڏي تي فوت ٿي ويو. سول اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. مٺي سميت ٿر جي مختلف علائقن ۾ رات دير تائين وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري هو. ٻئي طرف ننگرپارڪر ۾ برسات سبب نديون وھي آيون، ڊيم اوور فلو ٿي ويا، ننگرپارڪر جي ڪارونجھر جبل مان نڪرندڙ ڀٽياڻي ۽ گوڙڌرو نديون وھي آيون، نديون ڏسڻ لا سوين شھرين ڪاروبار ڇڏي ڪارونجھر جبل جو رخ ڪيو. ڪارونجھر جبل مان نڪرندڙ گوڙڌرو ندي مٿان ٺھيل پل مٿان پاڻي وھڻ لڳي جيڪو نظارو انتھائي خوبصورت ھو، ٻئي طرف ڪارونجھر جبل مان نڪرندڙ ڀٽياڻي ندي بہ موج مستين سان وھڻ لڳ، جڏهن ته ڀٽياڻي ڊيم پڻ اوور فلو ٿي وھڻ لڳو. ڪارونجھر جبل جي ندين تي ٺھيل سمورا ڊيم پاڻي سان ڀرجي ويا ۽ ڊيمن مان پاڻي اوور فلو ٿي ويو. ننگرپارڪر ۾ 92 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي ويئي. هوڏانهن سکر، روهڙي، ڪنڌرا، علي واهڻ، روشن آباد، سانگهڙ، سانگي ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات پئي ۽ آسپاس ٻهراڙي وارن علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جاري رهي. ڪنگري جي ڀرپاسي علائقن ڳوٺ ننگر خان اڄڻ، عبدالرحمان انڙ، ڪريم ڏنو اڄڻ، ارباب ڪلھوڙو ۽ ٻين ڳوٺن ۾ تيز طوفاني برسات تباهي مچائي ڇڏي، جنهن سبب ڳوٺ عالم ڪلھوڙو، جمعو اڄڻ، ڄام خان بڙدي، محمد حيات اڄڻ ۽ ٻين ڳوٺن ۾ وونئڻ، جوئر، کجون ۽ سبزين جي فصل کي ڪاپاري ڌڪ رسيو. ٿرڙي محبت ۽ آسپاس ۾برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري رهيو، ڪوهستان ۾ به وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي. ٻئي طرف حيدرآباد ۾ ڪالهه صبح وقت ۽ منجهند جو زوردار برسات دوران ڪيترن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو. مختلف ڪالونين ۾ برساتي پاڻي سان گڏ گٽر اٿلي پيا. برسات دوران حيسڪو بجلي بند ڪري ڇڏي. بجلي بندش دوران شهرين سخت تڪليف کي منهن ڏنو. ٽنڊومحمد خان ۾ طوفاني برسات جي وسڪاري علائقي ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي، شهر جا روڊ رستا برساتي پاڻي ھيٺ اچي ويا، سڄي شهر ۾ پاڻي بيهجي ويو ۽ برساتي پاڻي گهرن ۾ ڪاهي پيو، بجلي ۽ مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو. گولاڙچيَ تعلقي ۾ وقفي وقفي سان هلندڙ برسات زندگي جي ڪارهنوار کي سخت متاثر ڪري ڇڏيو، شهر جا هيٺان علائقا مڪمل پاڻي هيٺ اچي ويا، چڪ نمبر 30 مڪمل پاڻي هيٺ اچي ويو. لاڙڪاڻي ۽ آسپاس علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رهيو، جتي 35 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. سيپڪو شهر جي اڪثر علائقن جي بجلي بند ڪري ڇڏي جنهن ڪري شهرين کي مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پئجي ويو. ڪنڌڪوٽ ۾ برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري رهيو، برساتي پاڻي ۽ نالين جو گندو پاڻي بيٺل ھجڻ ڪري ھر طرف گندگي جو آزار پنڌ گھمندڙ شھرين کي سخت پريشاني مان گذرڻو پئجي رهيو آهي. قمبر ۽ ڀرپاسي علائقن ۾ وقفي وقفي سان وڏ ڦڙي جي تيز طوفاني برسات سبب شهر جا اهم ڪاروباري مرڪزن سميت هيٺاهين واري علائقن جي گهرن ۾ ڪيترائي فوٽ پاڻي بيهجي ويو، هيٺاهين وارن ڪيترن روڊن رستن تي پاڻي هجڻ ڪري گهرن ۾ اچ وڃ جا رستا بند ٿي ويا. ٻئي طرف اڳڙا، ستابو، بھارو، مانجند، راضيديرو ۽ ٻين شهرن ۽ ڳوٺن ۾ تيز ھوا سان گڏ برسات پوڻ سبب پاڻي روڊن، گهٽين ۾ بيهي رهيو. برسات سبب آبادگارن جا تيار ٿيل فصل وونئڻ، ترن، جوئر کي وڏو نقصان ٿيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button