سنڌ

قبو سعيد خان ۾ ميونسپل ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لائي احتجاج

قبو سعيد خان ۾ ميونسپل ملازمن مطالبن جي مڃتا لا ٻئي ڏينهن به احتجاجي ريلي ڪڍي مک شهيد راڻي چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن عبدالوحيد کوسو، معشوق سومرو، رمضان ڪمبوهه، يعقوب بروهي، ذوالفقار مگسي، غلام مصطفى مگسي، عبدالجبار کوسو، احسان کوسو ۽ ٻين دانهيندي چيو آهي ته ٽي ايم او دلمراد مگسي ملازمن جي پگهارن مان ناجائز ڪٽوتيون ڪرڻ سان گڏوگڏ هرسال جو انڪريمنٽ نه ڏيئي ڪرپشن ڪري رهيو آھي. غيرقانوني طريقي سان هر مهيني پگهارن مان ڪٽوتي ڪري ملازمن جا حق غضب ڪري رهيو آهي. هنن چيو ته مهانگائي چوٽ چڙھي وئي آھي، پورو پگهار نه ملڻ ڪري ميونسپل ملازمن جا ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن. هنن وڏي وزير سميت تڪ جي چونڊيل نمائندن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي ٽي ايم او دلمراد مگسي کي هٽائي ملازمن جا جائز مسئلا حل ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ تحريڪ هلائي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button