سنڌ

مدئجي ويجهو گرلز اسڪول ۾ گڏهه بيهارڻ جو سيڪريٽري نوٽيس ورتو

مدئجي ويجهو ڳوٺ فقيرپور بروهي جي گرلز پرائمري اسڪول ۾ گڏهه بيهارڻ واري خبر جو سيڪريٽري تعليم نوٽيس ورتو، جنهن جي هدايت تي ماسترياڻين جي شڪايت جي ازالي لا تعلقه ايجوڪيشن آفيسر فيميل آپا ذڪيا پٺاڻ اسڪول پهچي دورو ڪري ماسترياڻين کان معلومات ورتي، جنهن دوران ٽي اي او فيميل اسڪول ۾ نون ڀرتي ٿيل ماسترياڻين کان سوشل ميڊيا تي شڪايتن واري ويڊيو جاري ڪرڻ بابت سخت پڇاڻو ڪيو. ان موقعي تي تعلقه ايجوڪيشن آفيسر آپا ذڪيا پٺاڻ ڳالهائيندي چيو ته اسڪول ۾ گڏهه بيهارڻ واري مامري جي جاچ لا پهتي آهيان، اسڪول ۾ هن وقت گڏهه بيٺل ناهي. اسڪول بلڊنگ زبون حال هجڻ بابت هن چيو ته جيڪو ڪم اسان جي هٿ ۾ ناهي ۽ اهو ڪم ايجوڪيشن ورڪس جو آهي. هن چيو ته اسڪول اندر بنيادي سهولتون فرنيچر ۽ پاڻي جو سهولتون ايندڙ هفتي تائين مهيا ڪيون وينديون. تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ ڪوبه اسڪول بند ناهي، روزانو جي بنياد تي مان اسڪولن جا دورا ڪندي آهيان، باقي اسڪول اندر گڏهه بيهارڻ واري ويڊيو جو نوٽيس وٺي ڳوٺاڻن کي چتا ڏنو آهي ته جيڪڏهن هتي ٻيهر گڏهه بيهاريو ويو ته سندن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button