سنڌ

عمران خان اڄ به لاڏلو بڻيل آهي:شرجيل انعام ميمڻ

صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عمران خان جا نامزدگي فارم راز داري، تضادن ۽ جعلي رڪارڊ سان ڀريل هئا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ صوبائي وزير جو چوڻ هو ته پي ٽِي آئي اليڪشن ڪميشن تي دٻاءُ وجهندي رهي آھي، جنهن سبب عمران خان جا نامزدگي فارم منظور ڪيا ويا. ماضي ۾ اھڙن ڪيسن ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ عدالتون پاڪستان جي ڪيترن ئي سياستدانن کي نااهل قرار ڏئي چڪا آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته بدقسمتي سان عمران خان لاءِ خاص ورتاءُ جي سهولت اڃا به موجود آهي. هن چيو ته ڇا عمران خان اڄ به قانون کان مٿانهون آهي؟ ڇا عمران خان اڄ به لاڏلو بڻيل آهي؟ آخر هڪ ئي ملڪ ۾ ٻه قانون ڇو؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button