سنڌ

شرجيل انعام ميمڻ سان سي پي اين اي وفد جي ملاقات

وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ سان سي سي پي اين اي وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ سي پي اين اي سيڪريٽري جنرل عامر محمود، ڊاڪٽر عبدالجبار خٽڪ، مقصود يوسفي، سعيد خاور، غلام نبي چانڊيو ۽ بشير ميمڻ شامل هئا. اطلاعات وارو سيڪريٽري عبدالرشيد سولنگي پڻ ان موقعي تي پڻ موجود هو. وفد صوبائي وزير کي اخبارن جي مسئلن خاص طور تي پرنٽ ميڊيا جا اشتهار وڌائڻ ۽ ادائيگين جي مسئلن کان آگاهه ڪيو. وفد صوبائي وزير اطلاعات کي ٻڌايو ته 18 هين ترميم کانپوءِ اطلاعات صوبائي سبجيڪٽ آهي پر اطلاعات کاتي جا ڪيترائي معاملا صوبائي حڪومت کي منتقل ئي ناهن ٿيا. وفد تجويز ڏني ته اخبارن جي اي بي سي جو اختيار صوبائي حڪومتن کي منتقل ڪرڻ جو معاملو وفاق وٽ اٿاريو وڃي. ان موقعي تي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ وفد کي سمورن مسئلن جي حل خاطري ڪرائيندي چيو ته قيادت ميڊيا جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ کيس ٻيهر اطلاعات کاتي جي ذميواري سونپي آهي. ميڊيا هائوسز کي اشتهارن جي مد ۾ 80 سيڪڙو ادائگيون ڪري ڇڏيون آهن. اخبارن کي نان بجيٽيڊ ادائگيون پڻ يقيني بڻائينداسين. هن چيو ته اطلاعات کاتي جو قلمدان سنڀاليندي ئي اشتهارن جي نئين پاليسي تيار ڪرڻ جا حڪم ڏنا هئا. اشتهارن جي پاليسي 2022 منظور ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن ۾ ڊجيٽل ميڊيا کي پڻ شامل ڪيو ويو آهي. سڀاڻي (خميس) تي اخبارن ۾ ڊجيٽل ميڊيا جي رجسٽريشن لاءِ اشتهار شايع ٿي ويندو. ھن چيو ته پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ ڊجيٽل ميڊيا جي اشتهارن جي بجيٽ مختص ڪري رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button