سنڌ

ايم پي ايز امدادي ڪمن جي نگراني ڪن:بلاول ڀٽو

پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌ جي 13 ضلعن ۾ تيز برساتن جي غيرمعمولي 5 اسپيلن ماڻهن کي گهڻو متاثر ڪيو آهي. تنهنڪري متاثرن کي تحفظ فراهم ڪرڻ کانپوءِ سندن لاءِ امدادي پيڪيج ذريعي بحالي اسان جي اولين ترجيح آهي، اسان انهن کي کليل آسمان هيٺ اڪيلو نه ڇڏينداسين. هن صوبائي حڪومت کي هدايت ڪئي ته متاثرن جي مدد لاءِ پنهنجا سمورا وسيلا ڪتب آڻيندي متاثرن جي مدد لاءِ خيما، مڇرداڻيون، پيئڻ جو پاڻي، تيار کاڌو، صحت جون سهولتون ۽ جانورن جي ويڪسينيشن فراهم ڪئي وڃي. هن اهي هدايتون سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي وزيراعليٰ هائوس ۾ تيز برساتن سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان ۽ صوبائي حڪومت پاران ورتل اُپائن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪوٺايل هڪ خاص اجلاس جي صدارت ڪندي ڏنيون. ان موقعي تي اجلاس ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، مڪاني ادارن وارو وزير ناصر شاهه، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، وزير آبپاشي ڄام خان شورو (ويڊيو لنڪ ذريعي)، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري فياض جتوئي، ڪمشنر ڪراچي اقبال ميمڻ، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو بقا الله انڙ، سيڪريٽري بلديات نجم شاهه، سيڪريٽري ناڻو ساجد جمال ابڙو، سيڪريٽري آبپاشي سهيل قريشي، ڊي جي پي ڊي ايم اي سلمان شاهه سميت حيدرآباد، شهيد بينظير آباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي جي ڪمشنرن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. چيئرمين بلاول ڀٽو چيو ته سنڌ جي 13 ضلعن جا هزارين ڳوٺ ۽ شهر برساتن سبب ٻوڏ هيٺ اچي ويا آهن. هن چيو ته برسات هزارين ماڻهن کي بي گهر ڪري ڇڏيو آهي، تنهنڪري انهن جي مناسب سار سنڀال صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي، هن وڏي وزير کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي تڪن ۾ پارٽي جي ايم پي ايز کي موڪلي ته جيئن هو پنهنجي عوام جي مدد ڪن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي بريفنگ ڏيندي چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ سانگهڙ ۾ 319 ملي ميٽر برسات ٿي آهي، جنهن کانپوءِ عمرڪوٽ ۾ 172، شهيد بينظير آباد ۾ 162، قمبر شهدادڪوٽ ۾ 158، ٽنڊوالهيار ۾ 150، حيدرآباد ۾ 113، لاڙڪاڻي ۾ 127، نوشهروفيروز ۾ 112 ۽ ٿرپارڪر ۾ 105 ملي ميٽر برسات پئي. هن وڌيڪ چيو ته سڄي سنڌ ۾ گجگوڙ سان گڏ ڪيترن ئي هنڌن تي تيز برسات جو پڻ امڪان آهي، ان ڪري سڄي صوبي ۾ ٻوڏ جي وارننگ جاري ڪئي وئي آهي.مراد علي شاهه چيو ته تيز برساتن سبب 166 ڄڻا فوت ۽ 573 زخمي ٿيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته لائيو اسٽاڪ کاتي جي رپورٽ موجب 2849 ڍور مري ويا، 47399 گهر تباهه ٿيا، جن مان 6489 مڪمل ۽ 40910 کي معمولي نقصان پهتو ۽ 810683 ايراضي تي بيٺل فصل تباهه ٿي. سنڌ جي وڏي وزير بلاول ڀٽو چيئرمين بلاول ڀٽو کي ٻڌايو ته سڄي سنڌ ۾ طوفاني برساتن سبب 1002 ڪلوميٽرن تي پکڙيل 256 روڊن ۽ 18 پلن کي نقصان پهتو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سندس حڪومت 9 ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏنو آهي، جڏهن ته 4 وڌيڪ ضلعا اعلان ڪيا پيا وڃن. وڏي وزير جو چوڻ هو ته تازين برساتن سبب اٽڪل هڪ ڏهائي 053 ملين ماڻهو متاثر ٿيا آهن ۽ 432658 بي گهر ٿيا آهن، جن لاءِ 61 رليف ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن، جتي 1169 ماڻهن کي منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻيا پنهنجا گهر ڇڏڻ لاءِ تيار ناهن، تنهنڪري انهن لاءِ پي ڊي ايم اي پاران خيما، مڇر داڻيون، بسترا ۽ ٻيو سامان فراهم ڪيو ويو آهي. مراد علي شاهه چيئرمين پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو کي ٻڌايو ته هڪ اندازي موجب متاثرن جي گهرن سميت انهن جي بحالي ۽ انهن جي تباهه ٿيل فصلن، دڪانن کي نقصان جو معاوضو ڏيڻ ۽ تباهه ٿيل روڊن جو ڄار، پلن ۽ نيڪال سسٽم جي مرمت تي لڳ ڀڳ 40 ارب رپيا خرچ ايندو. هن چيئرمين کي ٻڌايو ته صوبائي حڪومت وٽ گهٽ وسيلا آهن، تنهنڪري متاثرن جي بحالي لاءِ وفاقي حڪومت کي صوبائي حڪومت جي مدد لاءِ اڳتي اچڻ گهرجي. ان موقعي تي چيئرمين بلاول ڀٽو سنڌ جي وڏي وزير کي خاطري ڪرائي ته هو سنڌ حڪومت جي مدد لاءِ وزيراعظم سان ڳالهائيندو. چيئرمين کي ٻڌايو ويو ته سانگهڙ، شهدادپور کان وٺي ڪلوئي تائين ايل بي او ڊي انتهائي خراب حالت ۾ آهي. واضح رهي ته 18 آگسٽ تي ميرپورخاص ۾ 36 ڪلاڪن تائين لڳاتار برسات پئي، جنهن سبب ميرپورخاص ضلعو ڪوٽ غلام محمد ۽ ان جي ڀرپاسي وارا علائقا سخت متاثر ٿيا آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حيدرآباد ۾ لطيف آباد ۽ قاسم آباد پاڻي هيٺ ٻڏي ويا آهن، جتي برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ ڊي واٽرنگ مشينون لڳايون ويون آهن. ڄامشورو، مانجهند، سيوهڻ تعلقو، دادو جوهي، ٽنڊو محمد خان ۽ ٽنڊوالهيار ۾ پڻ برسات ۾ متاثر ٿيا آهن. سکر ۽ خيرپور جي ضلعن ۾ تيز برساتن سبب مقامي ماڻهن جي کجيءَ ۽ ڪپهه جو فصل تباهه ٿي ويو، جڏهن ته سکر ۽ خيرپور ۾ گذريل ٻن ڏينهن کان اسڪول پڻ بند آهن. لاڙڪاڻو، قمبر شهدادڪوٽ، شڪارپور ۽ ڪشمور به متاثر ٿيا آهن، تنهنڪري اتي جاني ۽ مالي نقصان جو سروي ڪيو پيو وڃي. نوابشاهه، نوشهروفيروز ۽ عمرڪوٽ ۾ به برسات تباهي مچائي ڇڏي. چيئرمين بلاول ڀٽو آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو کي هدايت ڪئي ته هو بئراج جي ڪمزور پشتن ۽ مختلف بندن جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو وٺي.سمورن لاڳاپيل کاتن جهڙوڪ لوڪل گورنمينٽ، آبپاشي، پي ڊي ايم اي، صحت، لائيو اسٽاڪ ۽ روينيو کاتي کي عوام جي ڀلائي، سندن ملڪيتن ۽ سرڪاري اثاثن جي تحفظ لاءِ فعال ڪيو وڃي. چيئرمين بلاول ڀٽو سنڌ جي وڏي وزير کي هدايت ڪئي ته ڪراچي ۾ روڊن جو سمورو نيٽ ورڪ بهتر ڪيو وڃي ۽ برسات ختم ٿيڻ سان ئي نيڪال سسٽم کي ٺيڪ ڪيو وڃي. هن مڪاني ادارن کي پڻ هدايت ڪئي ته انهن علائقن ۾ جتي پاڻي بيٺل آهي، اتي مڇرمار ۽ بيڪٽيريا ڦوهارو شروع ڪيو وڃي. هن وڏي وزير کي هدايت ڪئي ته هو کيس صورتحال ۽ بحالي جي ڪمن کان باقاعدگي سان آگاهه ڪندو رهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button