سنڌ

گهوڙا ٻاري جي ڳوٺن ۾ برسات جي پاڻي فصل ٻوڙي ڇڏيا

گهوڙا ٻاري تعلقي ۾ شديد برساتن سبب پير جو ڳوٺ ۽ ڳوٺ حبيب الله سمون سميت ڀرپاسي جا ٻيا مختلف ڳوٺ پاڻي جي گهيري ۾ آيل آهن ۽ مقامي ماڻهن جي سهائتا لا حڪومتي سطح تي ڪو به تحرڪ نه ورتو ويو آهي. سنڌ اسيمبلي جي تڪ پي ايس 78 ۾ شامل ڳوٺ حبيب الله سمون جي رهواسين گهرن ۽ فصلن ۾ پاڻي بيهڻ تي احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي چيو آهي ته مسلسل برساتن سبب اسان جي ڳوٺ جي چئني پاسن کان ٻوڏ جهڙا منظر آهن، سوين ايڪڙن جي ايراضي تي پوکيل سمورا فصل پاڻي هيٺ اچڻ ڪري لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي، ٻئي پاسي مڇرن جي آزار سبب مليريا جي مرض ۾ خطرناڪ حد تائين اضافو ٿي چڪو آهي، ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت گهرن ۽ فصلن مان پاڻي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ضلعي حڪومت ۽ ٻيون لاڳاپيل اختياريون روايت موجب غفلت جي ننڊ ستل آهن. ڳوٺاڻن تڪ جي چونڊيل نمائندي علي حسن زرداري ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پيرجو ڳوٺ ۽ ڳوٺ حبيب الله سمون مان برسات جو پاڻي نيڪال ڪرائي متاثرن جي سهائتا ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button