سنڌ

عدم اعتماد تحريڪ وارو آپشن استعمال ڪري سگهجي ٿو:بلاول ڀٽو

پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته ملڪ جي مزدورن، هارين سميت هر عام ماڻهو هن وقت پيپلزپارٽي طرف ڏسي رهيو آهي، پ پ جي حڪومت ايندي آهي ته عام ماڻهو فيصلو ڪندا آهن، ملڪي تاريخ ۾ ايتري مهانگائي ڪڏهن به نه ٿي آهي، جيتري اڄ هن وقت آهي، اڄ ملڪ ۾ جنهن سطح تي بيروزگاري ۽ غربت آهي، ماضي ۾ ڪڏهن به ائين نه ٿي آهي. اهڙي خيالن جو اظهار هن لاڙڪاڻي شهر جي مختلف يوسيز عهديدارن پاران ڪوٺايل کليل ڪچهرين ۾ عوام ۽ پارٽي ڪارڪنن سان ڪيو. بلاول ڀٽو چيو ته جڏهن پ پ حڪومت ۾ هوندي هئي ته اسان عوام کي مشڪلاتن مان ڪڍندا هئاسين، پر موجوده وفاقي حڪومت عوام کي وڌيڪ مشڪلاتن جي حوالي ڪري رهي آهي. هن چيو ته ايندڙ 29 آڪٽومبر جمعي ڏينهن سڄي ملڪ ۾ ضلعي هيڊڪوارٽرز ۾ جيالا معاشي قتل عام خلاف ميدان ۾ نڪرندا، جيڪڏهن اسيمبلين ۾ عدم اعتماد جي تحريڪ پيش ٿي ته هي حڪومت نه بچي سگهندي، ڪارڪن روڊن تي نڪرن، اسان ٻين سياسي جماعتن کي به چونداسين ته عدم اعتماد تحريڪ جو جمهوري آپشن استعمال ڪري هن نااهل حڪومت مان عوام جي جان آزاد ڪرائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button