سنڌ

سنڌ ايڪشن ڪميٽي طرفان سڄي سنڌ کي آفت سٽيل قرار ڏيڻ جو مطالبو

سنڌ ايڪشن ڪميٽي سنڌ ۾ برساتن کانپو پيدا ٿيل صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي سنڌ حڪومت کان فوري طور ايمرجنسي ڊڪليئر ڪري سڄي سنڌ کي آفت سٽيل قرار ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي. سنڌ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب حقيقي متاثرين کي رليف نه ڏيڻ ۽ سنڌ حڪومت جي پنھنجا نواز پاليسي خلاف سڀاڻ 23 آگسٽ تي سڄي سنڌ جي ڊپٽي ڪمشنر آفيسن اڳيان مظاھرن ۽ 30 آگسٽ 2022ع تي حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان مرڪزي قيادت جي اڳواڻي ۾ مظاهي جو اعلان ڪيو ويو آهي. جڏهن ته افغانين ۽ ٻين غير ملڪي پناهگيرن جي واپسي ۽ 15 آگسٽ تي قومي اسيمبلي مان پاس ڪيل بل خلاف ڪراچي ۾ 16 آڪٽوبر 2022 تي جلسه عام جو اعلان ڪيو ويو. سنڌ ايڪشن ڪميٽي اڳواڻن اعلان ڪيو ته افغان پناهگيرن سميت ٻين غير ملڪي پناهگيرن جي واپسي لا اقوام متحده، يورپي يونين ۽ ملڪ جي سربراھه کي خط لکيو ويندو. ايڪشن ڪميٽي جو سربراهي اجلاس ڪنوينر سيد جلال محمود شاھه جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي، قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو، رياض علي چانڊيو، قربان پنھور، مسرور شاھه، ارباب ڀيل، ديدار شام، ادبي سنگت جي نعيم ملڪ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button