سنڌ

ماضي کان 400 سيڪڙو وڌيڪ برساتون پيون، سڄي سنڌ کي آفت سٽيل قرار ڏيڻو پوندو:وڏو وزير

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ 400 سيڪڙو وڌيڪ برساتون پيون آهن، 24-23 آگسٽ کان نون وسڪارن جو خدشو آهي، پيپلزپارٽي ۽ سنڌ سرڪار مشڪل وقت ۾ عوام سان گڏ بيٺل آهي، برسات متاثرن ۾ هڪ لک خيما ورهائي چڪا آهيون، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت متاثرن کي 25 هزار رپيا في خاندان ايندڙ 15 ڏينهن اندر ملي ويندا، تازين برساتن کانپوءِ سڄي سنڌ کي آفت سٽيل قرار ڏيڻو پوندو، جنهن لا ڪوشش جاري آهي. هن اهڙو اظهار مٽياري، سانگهڙ، نوشهروفيروز ۽ شهيد بينظيرآباد ضلعن ۾ برسات سبب متاثر ٿيل علائقن جي دوري دوران ڪيو. وڏي وزير مختلف هنڌن تي رليف ڪئمپن ۾ ترسيل متاثر ڪٽنبن سان ملاقاتون ڪري کين سنڌ حڪومت جي ڀرپور سهڪار ۽ سهائتا جو يقين ڏياريو. ان موقعي تي مراد علي شاهه چيو ته حيدرآباد، بدين، مٽياري، نوشهروفيروز ۽ سانگهڙ ضلعن کي به آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن سومر تائين جاري ڪيو ويندو. هن چيو ته سنڌ جي تاريخ ۾ هن ڀيري شديد برساتون پيون آهن، جيڪي ماضي جي ڀيٽ ۾ 400 ڀيرا وڌيڪ آهن، برساتن جي نتيجي ۾ 177 ماڻهو فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي، سنڌ جا 30 ضلعا مينهن جي وڪڙ ۾ آيا، برسات متاثرن ۾ 80 سيڪڙو ماڻهو غريب ۽ مسڪين آهن، تنهن ڪري متاثر ٿيل 60 سيڪڙو خاندانن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي 25 هزار رپيا امدادي رقم ڏني ويندي، وفاقي حڪومت طرفان برسات متاثرن کي مرحليوار 25- 25 ہزار روپيا پڻ فراهم ڪيا ويندا، اسان جي ڪوشش آهي ته جن ماڻهن جي فصل کي نقصان پهتو آهي انهن کي معاوضو ڏنو وڃي، پيپلزپارٽي ماضي ۾ به سنڌ جي برسات توڙي ٻوڏ متاثرن جي ڀرپور سھائتا ڪئي ۽ ھاڻي به عوام کي مشڪل گھڙي ۾ اڪيلو نه ڇڏيو ويندو. هن چيو ته اسان وٽ هڪ لک خيما هئا جيڪي ورهايا ويا آهن جڏهن ته وڌيڪ خيما دستياب نه آهن ان ڪري پنجاب ۽ پختونخوا حڪومتن کان خيما مهيا ڪرڻ جي گهر ڪئي آهي، ان سلسلي ۾ وفاقي حڪومت پڻ مدد ڪري رهي آهي، تمام جلد 42 هزار خيما سنڌ حڪومت کي ملي ويندا جيڪي مختلف ضلعن ۾ ورهايا ويندا. هن چيو ته ڳوٺاڻا علائقا ته پاڻي ۾ ٻڏي چڪا آهن پر هاڻي شهري علائقن کي بچائڻو آهي، پھرين شھرن مان پاڻي ڪڍڻ جو بندوبست ڪيو ويندو. ٻھراڙيءَ مان ٽيڪنيڪل طريقي سان پاڻي ڪڍبو، جيئن ڳوٺ متاثر نه ٿين. مراد علي شاهه هدايت ڪئي ته فصلن، روڊن ۽ گهرن کي پهتل نقصان جي بهتر طريقي سان سروي ڪئي وڃي، 6 مهينن اندر انفرا اسٽرڪچر کي بهتر بڻايو ويندو، معمول کان 400 سيڪڙو وڌيڪ برساتون پوڻ ڪري پاڻي جي نيڪال لاءِ محفوظ هنڌ نه پيا ملن تنهن ڪري نيڪالي ۾ دير ٿي رهي آهي، هن وقت سنڌ جا ماڻهو تڪليف ۾ آهن ۽ سنڌ سرڪار ساڻن گڏ بيٺل آهي، ماڻھن جو ڏک ونڊڻ لاءِ نڪتو آهيان، اسانجو ڪم عوام کي رليف فراهم ڪرڻ آهي، رليف ڪئمپن ۾ ترسيل متاثرن کي ضلعي انتظاميا تيار ٿيل کاڌ خوراڪ پهچائي، ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت فنڊ مهيا ڪندي، جيڪڏهن اسان محنت سان ڪم ڪيوسين ته اڳتي نقصان گهٽ ٿيندا، جيڪڏهن 200 ملي ميٽر وڌيڪ برسات پوندي ته پاڻي ڪيئن نڪرندو اسان اهو مسئلو جلد حل ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعليٰ چيو ته مڪاني چونڊون ڪرائڻ منهنجو نه پر اليڪشن ڪميشن جو فيصلو آهي، برساتن کانپوءِ پيدا ٿيل سموري صورتحال تي اليڪشن ڪميشن جي نظر آهي ۽ مڪاني چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن ئي فيصلو ڪندي، چونڊن لا پهرين به اليڪشن ڪميشن ئي فيصلو ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button