سنڌ

وڏي وزير ٻوڏ متاثرن جي بحالي لا اقوام متحده ۽ ٻين عالمي ادارن کي مدد جي اپيل ڪري ڇڏي

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ اقوام متحده، يونيسيف، يورپي يونين ۽ ٻين عالمي ادارن کي مدد ۽ سهڪار جي اپيل ڪئي آهي. وڏي وزير هن سال جي ٻوڏ کي 2010 ۽ 2011 کان به وڌيڪ خراب قرار ڏنو آهي. سکر بئراج تي بريفنگ کانپو ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعلى سنڌ مراد علي شاهه چيو ته چيف سيڪريٽري سنڌ کي عالمي ادارن سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ڪراچي کان ڪشمور تائين سڄي سنڌ متاثر ٿي آهي. ڪراچي جي ڪجهه علائقن کي آفت سٽيل قرار ڏيندي وفاقي حڪومت کي مدد ۽ تعاون جي درخواست ڪئي آهي. هن چيو ته سنڌ جي صورتحال 2010، 2011 ۽ 2012 جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻي خراب آهي. وڏي وزير چيو ته اڄ رات گڊو بئراج وٽ 6 لک ڪيوسڪ پاڻي ايندو، جيڪا وڏي ٻوڏ آهي. سکر کان ڪوٽڙي تائين بندن کي مضبوط ڪرڻ ۽ ڏارن کي بند ڪرڻ لاءِ مشينري ڏني آهي. برساتن جي 4 اسپيل ۾ 500 سيڪڙو وڌيڪ برساتون ٿيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button