سنڌ

قاضي احمد ۾ دولتپور شاخ کي 100 فوٽ گهارو،فصل پاڻي هيٺ

قاضي احمد پوليس اسٽيشن محراب راهو جي اڳيان دولتپور شاخ کي 100 فوٽ گهارو پئجي ويو، جيڪو 15 ڪلاڪن کان بند نه ٿي سگهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سوين ايڪڙن تي پوکيل وونئڻ ۽ ڪمند جو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو آهي. پاڻي جي کاڌ جي ڪري بچا بند ٽڻڻ جو خطرو وڌي ويو آهي. جڏهن ته ڳوٺ سونو زرداري، ڳوٺ غلام رسول عمراڻي، ڳوٺ حاجي ماڇي پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. متاعر ڳوٺاڻن ٻڌايو ته اطلاع باوجود آبپاشي وارا ناهن پهتا. هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي گهارو بند ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button