سنڌ

عمران جا ويجها ساٿي اسان جي پارٽي ۾ پيا اچن، منظور وساڻ جي دعويٰ

پ پ اڳواڻ منظور وساڻ چيو آهي ته عمران خان کان ماڻهو هوريان هوريان پري ٿيندا ويندا ۽ سندس ويجها ساٿي اسان جي پارٽي ۾ اچي رهيا آهن، عمران کي اقتدار ۾ آڻيندڙ هاڻي ٻيهر ساڳي غلطي نه ڪندا. سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي منظور وساڻ چيو ته ملڪ جون حالتون بهتري ڏانهن نه پيون وڃن، هاڻي ٽيون مرحلو ايندو، جنهن ۾ عمران کي ويجها ساٿي خيرباد چئي ڇڏيندا، ڪيترائي ماڻهو کانئس پري ٿي ويندا، صحافين سوال پڇيو ته ڇا پي ٽي آءِ ڇڏي پ پ ۾ ايندڙن کي قبول ڪيو ويندو، ان تي منظور وساڻ چيو ته بلڪل، هي سياست آهي قبول ڪرڻو پوندو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button