سنڌ

رليف جي ڪم ۾ سنڌ سرڪار جي مدد لاءِ فوج جون خدمتون طلب

سنڌ ۾ هاڻوڪين برساتن جي تباهين کي منهن ڏيڻ لاءِ سول حڪومت جي مدد لاءِ فوج جون خدمتون طلب ڪيون ويون آهن، پي ڊي ايم اي سنڌ صوبي ۾ برساتن ۽ ٻوڏ جي تباهين کي منهن ڏيڻ لاءِ فوج جي خدمتن بابت اين ڊي ايم اي کي خط لکي ڇڏيو. خط ۾ چيو ويو ته برساتن کان پوءِ سنڌ ۾ ٿيندڙ تباهي کي منهن ڏيڻ لاءِ ضلعي انتظاميا کي فوج جون خدمتون گهربل آهن متاثر علائقن ۾ هلندڙ ريسڪيو ۽ رليف آپريشن ۾ تيزي لاءِ فوري طور تي فوجي دستا مهيا ڪيا وڃن. پي ڊي ايم اي مطابق برساتن ۽ ٻوڏ متاثر سنڌ جي ضلعن ۾ مجموعي طور تي 223 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، 701 ماڻهو زخمي ٿيا آهن، 120 ٻار، 84 مرد ۽ 35 عورتون متاثر ضلعن ۾ فوت ٿيون آهن، هن وقت تائين ڪل 3 هزار 150 ڍور مري چڪا آهن، جڏهن ته 2 لک 28 هزار 677 گهر متاثر ٿيا آهن، جن مان هڪ لک 4 هزار 180 گهر مڪمل طور تي ڊهي پيا آهن، جڏهن ته 8 لک 55 هزار 622 ماڻهن کي لڏپلاڻ ڪرڻي پئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button