سنڌ

بلوچستان جي برساتن مان دادو،ڄامشورو ۽ قمبر-شهدادڪوٽ ۾ ٻوڏ جو خطرو

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سينٽرل سنڌ تي موجود چوماسي هوائن جو دٻاءُ گهٽجي ويو آهي پر اتر سنڌ ۽ ان سان لاڳاپيل بلوچستان تي موجود آهي. موسميات کاتي مطابق جمعي جي صبح تائين سکر، لاڙڪاڻو، گهوٽڪي، ڪشمور، شڪارپور ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي جيڪب آباد، دادو، قمبر، شهدادڪوٽ ۾ ڪجهه هنڌن تي گهٽ ۽ ڪٿي تيز برسات جو امڪان آهي. ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، سانگهڙ، بدين، حيدرآباد، ٺٽو سجاول ۾ هلڪي برسات جو امڪان آهي جڏهن ته مٽياري، ٽنڊومحمد خان، نوشهروفيروز ۽ ٻين هنڌن تي هلڪي برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي ٻڌايو ته بلوچستان جي اتر اوڀر، ڏکڻ ضلعن ۾ تيز برسات ٿي سگهي ٿي، بلوچستان جون برساتون دادو، ڄامشورو، قمبر شهدادڪوٽ ۾ ٻوڏ جو سبب بڻجي سگهن ٿيون، بلوچستان ۾ تيز برساتن سان پهريان ئي پاڻي هيٺ علائقن ۾ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي. خضدار، لسٻيلو، حب، کيرٿر رينج ۾ لڳاتار برسات حب ڊيم ۾ وڌيڪ دٻاءُ پيدا ڪري سگهي کيرٿر رينج ۾ مسلسل برسات ٿڊو ڊيم ۽ ندي نالن ۾ چاڙهه واري صورتحال پيدا ڪري سگهي ٿي. موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي ته ڪراچي ۾ 27 آگسٽ تائين ڪڪر ڇانيل رهندا، جڏهن ته 27 آگسٽ تي رات ۽ صبح جي وقت هلڪي برسات جو امڪان آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button