سنڌ

منظور وساڻ تان نااهلي جي تلوار هٽي وئي،چونڊ وڙهڻ جي اجازت

اڳوڻي صوبائي وزير منظور وساڻ تان نااهلي جي تلوار هٽي وئي، سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري اليڪشن ٽربيونل جي فيصلي خلاف اپيل منظور ڪندي کيس چونڊ وڙهڻ لا اهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ پ پ اڳواڻ منظور وساڻ جي اپيل تي شنوائي ڪئي. منظور وساڻ جي وڪيل خالد جاويد مطابق عدالت اليڪشن ٽربيونل جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي منظور وساڻ کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. واضح رهي ته منظور وساڻ پي ايس 27 ڪوٽڏيجي تان 2018ع ۾ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا هئا، جنهن خلاف اليڪشن ٽربيونل سان رابطو ڪيو ويو هو ۽ ٽربيونل پ پ اڳواڻ کي چونڊ وڙهڻ لاءِ نااهل قرار ڏنو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button