سنڌ

جروار ۾ برسات متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

جروار ۾ برسات متاثرن واهر نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ممتاز گبول، قبول گبول، رياض احمد ۽ ٻين چيو ته برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي. اسان جا گهر ڪري پيا آهن. اسين انتهائي پريشاني ۾ مبتلا آهيون. ٻار بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن. ڪير به مدد ڪرڻ لا تيار ناهي. هنن چيو ته ڊي سي گهوٽڪي اسان لا آيل خيما ۽ ترپال وغيره اسان کي ڏيڻ بدران لڪائي ڇڏيا آهن. وفاق توڙي سنڌ حڪومت کان ڪروڙين روپيا فنڊ ملڻ باوجود اسان جي واهر نٿي ڪئي وڃي. اسان کي نه خيما مليا آهن نه راشن مليو آهي. هنن چيو ته برسات سبب گهر ڊهي پيا آهن. اسان کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون. مظاهرين گهر ڪئي ته اسان جي حال تي رحم کائي گهرن ۾ بيٺل پاڻي نيڪال ڪرائڻ سان گڏ خيما ۽ راشن ڏئي اسان جي ۽ ٻچن جي سار لڌي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button